Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi

Book Name:Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi

وقت ڪافي ننڍي عمر جا هئا) فرمائن ٿا ته ايتري ۾ حضرت ابوبڪر صِدّيق رَضِیَ اللهُ عَنْہُ مردانگي سان اڳتي وڌيا ۽ ڪافرن کي ماريندا، ڌڪيندا، ڪيرائيندا، هٽائيندا پياري آقا، مڪي مَدَني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تائين پهچي ويا ۽ نبي پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي انهن ظالمن جي گهيري مان ڪڍي ورتائون. ان وَقت حضرت صِدّيقِ اڪبر رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي مبارَڪ زَبان تي سيپاري 24 سورت المؤمن جي آيت نمبر 28 جاري هئي: ([1])

اَتَقْتُلُوْنَ رَجُلًا اَنْ یَّقُوْلَ رَبِّیَ اللّٰهُ     (پارو:24، سورۂمؤمن:28)

ترجمو ڪنزالعرفان: ڇا توهان هڪ مرد کي ان سبب قتل ڪرڻ چاهيو ٿا جو اهو چئي ٿو ته منهنجو رب الله آهي.

چادر جو ڦندو

هڪ ڀيري مڪي جا ڪافر ڪعبي شريف جي ڀر ۾ ويٺا هئا ۽ پيارا آقا، مٺا مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  (مقامِ ابراهيم جي ويجهو) نماز پڙهي رهيا هئا. عُقبہ بن اَبي مُعِيط نالي ڪافِر پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي گردن مبارَڪ ۾ چادر جو ڦندو وجهي سختي سان مُبارَڪ ڳلو گُهٽڻ شروع ڪيو. حضرت ابوبڪر صِدّيق      رَضِیَ اللهُ عَنْہُ  ڊوڙندا آيا ۽ ان کي (يعني عُقبہ بن ابي مُعِيط کي) پوئتي هٽايو. ([2])

حَرم کی سرزمیں پر آپ پڑھتے تھے نَمازاکثر

ہمیشہ اُس گھڑی کی تاک میں رہتے تھے بدگوہر

کوئی آقا کی گردن گُھونٹتا تھا کَس کے چادر میں

کوئی بدبخت پتّھر مارتا تھا آپ کے سر میں

جيڪو ڪم انهن کان ٿيو، پورو ٿيو

پيارا اسلامي ڀائرو! اَندازو لڳايو! جيڪي ماڻهو ڳالھ ٻڌڻ جي بدران، اُبتو ظُلم ۽ ستم جا پهاڙ ٽوڙي رهيا هجن، اهڙن کي سمجهائڻ، سڌي رستي تي


 

 



[1]...المواہب اللدنیہ مع شرح الزرقانی، المقصد الاوّل، ذکر اول من امن...الخ، جلد:1صفحہ:470 بتصرف۔

[2]...المواہب اللدنیہ مع شرح الزرقانی، المقصد الاوّل، ذکر اول من امن...الخ، جلد:1صفحہ:469۔