Book Name:Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi
ثُمامه بن اُثال جو اسلام قبول ڪرڻ
حضرت ثُمامَه بن اُثال رَضِیَ اللهُ عَنْہُ صحابئ رسول آهن، يَمَامَه جا رهاڪو هئا. صحابي ٿيڻ کان پهريان پاڻ اِسلام جا سخت تَرِين دُشمن هئا، هڪ ڀيري هنن رسولِ اڪرم، نورِ مُجَّسَم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي (مَعَاذَ اللہ!) شهيد ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي. پِوءِ هنن تي ڪرم ٿيو، اسلام جي دولت سان مشرف ٿيا ۽ صحابي بڻجي ويا. کين اسلام ڪيئن قبول ڪيائون؟ ان جو واقعو ڏاڍو خوبصُورت آهي.
سن 6 هجري جو واقعو آهي، ٿيو هيئن ته هڪ ڀيري ثُمامَه بن اُثَال کي قيدي بڻائي بارگاهِ رسالت ۾ پيش ڪيو ويو. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حڪم ڏنو: هن کي مسجدِ نبوي ۾ سُتون (ٿنب) سان ٻڌي ڇڏيو. حڪم تي فوري طور تي عَمَل ٿيو، ثُمامَه کي سُتون سان ٻڌو ويو. ([1])
اَسِیر جس کو بنا کر رکھیں مدینے میں تمام عمر رہائی کی وہ دُعا نہ کرے
هنن کي مسجد ۾ ستون(ٿنڀ) سان ئي ڇو ٻڌو ويو؟ عُلَماءِ ڪرام ڏاڍي پياري حڪمت لکي آهي، فرمائن ٿا: ان ڪري ته جيئن هي ستون(ٿنڀ) سان ٻڌل هجن، پياري مَحْبُوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي اٿندي ويهندي، ايندي ويندي، ڏسندا رهن، دِيدار جا جام پيئندا رهن ۽ هنن جي دِل روشن ٿي وڃي. ([2]). سو ائين ئي ٿيو.
ثُمامَه کي مسجِد ۾ سُتون سان ٻڌو ويو. محبوبِ ذيشان، مڪي مَدَني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف فرما ٿيا، فرمايائون: ثُمامَه ڇا حال آهي؟ تون پنهنجي مُتَعَلِّق ڇا ٿو سمجهين؟ ثُمامَه چيو: منهنجو خيال ته سٺو ئي آهي، جيڪڏهن توهان مون کي قتل ڪندا ته هڪ خُوني کي قتل ڪندا (يعني منهنجو بدلو ورتو ويندو)، جيڪڏهن ڇڏي ڏيندا ته شُڪر گذار رهندس، جيڪڏهن مال گهرو ٿا ته ٻڌايو! مان مال حاضِر ڪريان.