Book Name:Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi
ميلاد ۾ لازمي شرڪت ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! * خوب درود پاڪ پڙهڻ * نعتون ٻڌڻ * پنهنجي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪرِ خير ٻڌڻ ۽ خوب خوب آمدِ مصطفيٰ جا نعرا لڳائڻ جي سعادت حاصل ٿيندي.
1500 واں جشنِ ولادت مرحبا! صد مرحبا! آئے شاہِ ختمِ نبوت مرحبا! صد مرحبا!
آئے تاجدارِ رسالت مرحبا! صد مرحبا! آئے جہاں میں جانِ رحمت مرحبا! صد مرحبا!
صاحبِ عظمت و شان و شوکت مرحبا! صد مرحبا! سب سے بڑی اللہ کی نعمت مرحبا! صد مرحبا!
آمنہ چمکی تیری قسمت مرحبا! صد مرحبا! گود میں آئی ربّ کی رحمت مرحبا! صد مرحبا!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي، سُنّت جي فضيلت ۽ زندگي جا ڪجھ آداب بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاهِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان محبّت ڪئي ان مون سان محبّت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
سخاوت مصطفٰي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنت آهي
2 فرامينِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: (1): سخاوت ڪندڙ الله پاڪ جي به ويجهو آهي، جنّت جي به ويجهو آهي، ماڻهن جي به ويجهو آهي ۽ جهنّم کان پري آهي. ([2]) (2): سخاوت جنّت جو هڪ وڻ آهي جنهن جون ٽاريون زمين ڏانهن جهڪيل آهن، جيڪو شخص انهن مان ڪا ٽاري پڪڙي ٿو، اها ان کي جنّت ڏانهن وٺي وڃي ٿي. ([3])