Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi

Book Name:Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi

پوءِ هي حُڪْمِ اِلٰهي ٻڌي مان بيهي رهيس، مون ماڻهن کي سڏي چيو: اي انسانو...!! مان توهان ڏانهن الله پاڪ جو رسول آهيان، لَا اِلٰہَ اِلّا اللہ  چئو! ۽ نِجات حاصل ڪيو...!! جيڪڏهن توهان هي ڪندؤ ته توهان لاءِ جنّت آهي.

بس اهو ٻڌڻ جي دير هئي ڇا ٻارَ، ڇا جوان، ڇا عورتون، سڀني مون تي حملو ڪيو، ڪنهن مون تي مٽي وڌي ۽ ڪو پٿر هڻڻ لڳو. ان دوران ڪنهن مون کي چيو: اي مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جيڪڏهن توهان نبي آهيو ته انهن جي خِلاف ائين ئي هلاڪت جي دُعا فرمايو! جيئن حضرت نُوح عَلَیْهِ السَّلَام ڪئي هئي.

الله! الله! مڪي مَدَني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رحمت ۽ مهرباني جو عالَم ڏسو! ڪو پٿر وسائي رهيو آهي، ڪو مٽي وجهي رهيو آهي، ماڻهو مَعَاذَ اللہ! توهين ڀريا جملا چئي رهيا آهن، ان عالَم ۾ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دُعا ڪئي، چيائون: ‌اَللّٰهُمَّ ‌اهْدِ ‌قَوْمِي فَاِ نَّهُمْ لَا يَعْلَمُونَ اي الله پاڪ! منهنجي قوم کي هِدايت عطا فرماءِ، بيشڪ هي ڄاڻن نٿا. ([1])

سلام اُس پر کہ اَسْرَارِ محبّت جس نے سمجھائے

سلام اُس پر کہ جس نے زَخم کھا کر پُھول برسائے

سلام اُس پر کہ جس نے خُوں کے پیاسوں کو قَبَائیں دِیں

سلام اُس پر کہ جس نے گالیاں سُن کر دُعائیں دِیں

ڪافرن جي گهيري ۾

مسلمانن جا چوٿان خليفا مشڪل ڪشا عَليُّ المرتضيٰ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: ڪافرن هڪ ڀيري ٻنهي جهانن جي تاجدار، نبين جي سردار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي گهيري ورتو، هنن پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي ظُلم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ چوندي وڃي رهيا هئا ته تون ئي اهو شخص آهين جيڪو صِرف هڪ خدا جي عبادت جو حڪم ڏين ٿو. حضرت عليُّ الْمُرْتضى رَضِیَ اللهُ عَنْہُ (جيڪي ان


 

 



[1]...تفسیر درمنثور، پارہ:6، سورۂ مائدہ، زیرِ آیت:67، جلد:3، صفحہ:117۔