Book Name:Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi
آڻڻ ڪيترو مشڪل تَرِين ڪم هوندو. پر قربان وڃجي! محبوبِ ذيشان، مڪي مَدَني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو شان ئي نِرالو آهي. مولانا حسن رضا خان صاحِب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا؛
کام جو اُن سے ہُوا پُورا ہوا اُن کی جو تَدْبِیر ہے، تقدیر ہے([1])
وضاحت: يعني نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جيڪو به ڪم ڪن ٿا، پُورو ئي ڪن ٿا، سندن تَجْوِيْز، ترڪيب ۽ ڪم جو انداز مبارَڪ تَقْدِير جي عين مُطَابِق هوندو آهي بلڪ حق اهو آهي ته جيڪو مَحْبُوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائي ڇڏين، اهو ئي تقدير بڻجي وڃي ٿو.
قوم جي حالت جيتوڻيڪ بلڪل بي حال هئي، پياري مَحْبُوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم * ڪنهن کي معجزا ڏيکاري * ڪنهن کي قرآن سيکاري * ڪنهن کي پنهنجين پيارين پيارين ادائن جو عاشق بڻائي * ڪنهن کي حُسْنِ اَخْلاق جو جَلْوو ڏيکاري پنهنجو بڻايو ۽ هدايتن جي معراج تائين پهچائي ڇڏيو.
نيڪي جي دعوت ڏيڻ سُنّتِ انبياء آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي پياري آقا، مڪي مَدَني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مشڪلاتون برداشت ڪري به نيڪي جي دعوت کي عام فرمايو، اسان کي به نيڪي جي دعوت ڏيڻ گهرجي، هي نيڪ ڪم سُنّتِ مصطفٰي به آهي، سُنّتِ انبياء عَلَیْهِم السَّلَام به آهي، حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام کان وٺي سڀ کان آخري نبي، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تائين جيترا به نبي تشريف فرما ٿيا، سڀني جي آمد جو اَصْل مقصد نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ئي هو.
حديثِ پاڪ ۾ آهي: ڪنهن حُضُورِ انور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان پڇيو: بهترين ٻانهو ڪير آهي؟ فرمايائون: الله پاڪ کان ڊڄڻ وارو، صله رحمي (يعني مٽن مائٽن سان سٺو سلوڪ) ڪرڻ وارو، سٺيون ڳالهيون ٻڌائڻ وارو ۽ بُراين کان روڪڻ وارو. ([2])