Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi

Book Name:Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi

ايمان نه رکندا هئا، آخرت کي به تسليم نه ڪندا هئا، اهي ڄاڻندا ئي نه هئا ته نبوت ڇا ٿيندي آهي، انهن جون دِليون مٽي سان ڀريل نه هيون پر زَنگ لڳل انهن آئينن وانگر ٿي ويون هيون. پياري مَحْبُوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي بي مثال ڪردار جي ذريعي انهن زنگ لڳل آئينن کي چمڪائي زماني جو امام بڻائي ڇڏيو آهي.

کھلی اسلام کی آنکھیں، ہوا سارا جہاں روشن

عرب کے چاند صدقے! کیا ہی کہنا تیری طلعت کا

نيڪي جي دعوت ۾ مشڪلاتون

پيارا اسلامي ڀائرو! انهن زنگ لڳل آئنن يعني بلڪل مُردہ ٿيل دِلين کي سڌي رستي تي آڻڻ آسان ڪم نه هو، انهن جي حالت اها هئي جو پياري آقا، مڪي مَدَني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڳالھ ٻڌڻ لاءِ به تيار نه هوندا هئا، قرآنِ پاڪ جو آواز ٻڌي ڪنن ۾ آڱريون وجهي ڇڏيندا هئا. حج جو موسم ايندو هو، ماڻهو پري پري کان مڪي پاڪ ڏانهن اچڻ لڳندا هئا ته مڪي پاڪ جي رستن تي باقاعده ماڻهو ويهاريا ويندا هئا، جن جو بس اهو ئي ڪم هوندو هو ته هر ايندڙ کي روڪيندا هئا، ان کي چوندا هئا: ڏس...!! مڪي پاڪ ۾ هڪ جادُوگر آهي، جيڪو ان جي ڳالهه ٻڌي ٿو، اهو ان جو ئي ٿي وڃي ٿو، اهو پٽن کي پيءُ کان، مڙس کي زال کان جدا ڪري ڇڏي ٿو، تنهنڪري ان جي ڳالھ نه ٻڌجان.

جڏهن ڪنن ۾ قرآن جو آواز پيو

طفيل بن عَمْرو دَوسِي عرب جو مشهور شاعِر ۽ ڏاڍو عقلمند هو، هڪ ڀيري پاڻ مڪي پاڪ آيا، مڪي جي ڪافرن چيو: خبردار...!! مُحَمَّد               (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) سان نه ملجان، هرگز انهن جي ڳالھ نه ٻڌجان، انهن جي ڪلام ۾ جادُو آهي، جيڪو ٻڌي ٿو، بس انهن جو ئي ٿي وڃي ٿو.

اهي ڳالهيون ٻڌي جناب طفيل دوکي ۾ اچي ويا، هنن پنهنجن ڪنن ۾ ڪپھ ڀري ڇڏي ته ڪٿي قرآن جو آواز ڪنن ۾ نه پئجي وڃي. پر اَلْحَمْدُ لِلّٰہ!