Book Name:Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi
ڪيئن اچي وئين؟ ان نوجوان جواب ڏنو: دعوتِ اسلامي جي قافلي سان آيو آهيان، الله پاڪ جو وڏو ڪرم ٿيو آهي، منهنجي ماءُ کي چئجان ته هو منهنجو غم نه ڪري مان هتي ڏاڍو سڪون سان آهيان.
لوٹنے رحمتیں قافلے میں چلو سیکھنے سنتیں قافلے میں چلو
پاؤگے بخششیں قافلے میں چلو جنّتیں بھی ملیں، قافلے میں چلو
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
اچو! دعوتِ اسلامي سان مِلي ڪري پياري آقا، مڪي مَدَني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سُنتن جي ڌوم مچايون. الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.
میں مُبَلِّغْ بنوں سُنّتوں کا خوب چرچا کروں سُنّتوں کا
یا خُدا! درس دوں سُنّتوں کا ہو کرم بہرِ خاکِ مدینہ
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي جڏهن کان ٺهي آهي، الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي فضل و ڪرم سان وڌندي ئي پئي وڃي، هن ڀيري دعوتِ اسلامي پنهنجو 44 هون يومِ تاسيس ملهائي رهي آهي، ان موقعي تي شعبو ماهنامه فيضانِ مدينه پيش ڪري رهيو آهي خاص ماهنامو فيضانِ مدينه: ”فيضانِ دعوتِ اسلامي“ جنهن ۾ توهان دعوتِ اسلامي جي هن وقت تائين جي ڪوششن ۽ ڪاميابين جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا ۽ ان کان علاوه * مسجد درس جي ضرورت ۽ اهميت ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ فائدا * قافلن ۾ سفر جا فائدا ۽ ثمرات * دورِ حاضر کي نظر ۾ رکندي ڊيجيٽل لائبريري جو نظام ۽ دعوتِ اسلامي جو قدم * دعوتِ اسلامي جي بين الاقوامي خدمتن جا ڪجهه پهلو * مدني چينل ٻارن، جوانن ۽ پوڙهن کي ڇا ڏنو؟ ان کان علاوه ٻيو به گهڻو ڪجهه ڄاڻي سگهندا. هي خصوصي شمارو مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 50 روپين ۾ طلب ڪري سگهو ٿا.