Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi

Book Name:Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi

دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو!

پيارا اسلامي ڀائرو! توهان به دين جي هن ڪم ۾ دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو! نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي عادَت بڻايو! * هفتيوار اجتماع ۾ پابندي سان شرڪت ڪندا ڪريو! * 12 دِيني ڪمن ۾ خوب وڌي حصّو وٺندا ڪريو! * هڪ تمام اَهَم دِيني ڪم: قافلو آهي. ان کي جيڪڏهن اسان مضبوطي سان پڪڙيون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! دُنيا ۽ آخرت جون گهڻيون ڀلايون نصيب ٿينديون.

قافلي ۾ فرض عِلْمِ دِين سيکاريو ويندو آهي * سنتون سيکاريون وينديون آهن * تهجد پڙهڻ جي سعادت ملندي آهي * نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي * قافلي جي بَرَڪت سان دُعائون پُوريون ٿيڻ * مشڪلاتون ٽَرَڻ * بيمارين مان شِفا ملڻ جا به سوين واقعا آهن     * ائين به ٿيو آهي ته قافلي ۾ سَفَر ڪندڙ عاشقانِ رسول جي حوصلا افزائي لاءِ پياري آقا، مڪي مَدَني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪرم فرمايو، خواب ۾ تشريف فرما ٿيا ۽ شرڪاءِ قافله کي ديدار جو جام پياريو.

اسان قافلي ۾ سَفَر ڪريون، ڇا خبر اسان تي به ڪرم ٿي وڃي. گهٽ ۾ گهٽ هر مهيني 3 ڏينهن جي قافلي ۾ سَفَر جي نِيّت ڪري وٺو! اچو! ترغيب لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

باغ جو پينگهو

حَيدر آباد جي هڪ محلي ۾ عَلاقائي دَوري جي دعوت کان مُتَاَثِّر ٿي هڪ ماڊَرْن (Modern) نوجوان مسجِد ۾ اچي ويو. بيان ۾ قافِلن ۾ سفر جي ترغيب ڏياري وئي ته هن قافلي ۾ سفر ڪرڻ لاءِ نالو لکرائي ڇڏيو. اڃا قافلي ۾ ان جي روانگي ۾ ڪجھ ڏينهن باقي هئا ته قَضاءِ الٰهي سان ان جو انتِقال ٿي ويو. ڪنهن گھر ڀاتِيءَ مرحوم کي خواب ۾ اِن حالت ۾ ڏٺو ته هو هڪ سرسبز باغ ۾ نهايت خوش آهي ۽ پينگهي ۾ لُڏي رهيو آهي. خواب ڏسندڙ پڇيو، هتي