Book Name:Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi
پنهنجي ماءُ کي به وراثت جو مال سمجهندا هئا، مائرن کي غلام طور وڪڻي ڇڏيندا هئا يا پنهنجي ئي زال بڻائي رکندا هئا * بدڪاري عام هئي * شراب، جوا، چوري چڪاري، ڦرلٽ جي ڪثرت هئي * ننڍين ننڍين ڳالهين تي ڪڏهن جهيڙو شروع ٿيندو هو ته سالن سالن تائين جنگ جاري رهندي هئي * هڪ معمولي ڳالھ تي سوين بلڪ هزارين ماڻهن کي قتل ڪيو ويندو هو * ڪجھ مُعَاشرن ۾ اها رَسْم به هئي ته بادشاھ مرندو هو ته ان جي لاش کي وڏي غار ۾ رکندا هئا، ساڻس لذيذ کاڌا رکندا هئا ۽ ڪيترائي جيئرا غُلام ۽ ٻانهيون به غار ۾ ڇڏي غار جو دروازو بند ڪري ڇڏيندا هئا.
اوهان اندازو لڳايو ته انهن جيئرن غُلامن جو جڏهن ساھ منجهندو هوندو، بک ۽ اڃ سان تڙپندا هوندا ته انهن تي ڇا گذرندي هوندي پر افسوس! دُنيا ظُلْم ۽ سِتَم جي اونداهين ۾ گهيرجي چڪي هئي، احساسَ دفن ٿي چڪا هئا.
پياري مَحْبُوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو شان ڏسو! پاڻ سڳورن اهڙي قوم کي پنهنجون پُرنور ادائون ڏيکاري، پنهنجي پياري پياري اخلاق سان کين ايترو ته متاثر ڪيو جو کين عالِم به بڻائي ڇڏيو.* باطِن سنواري دِليون روشن به ڪري ڇڏيون! * انهن کي ڪتاب به سيکاريو * حڪمت به سيکاري * ۽ اِنهيءَ چئني طرفن کان هيٺاهين ۾ گهيريل قوم کي قيامت تائين ايندڙن جو امام ۽ پيشوا بڻائي ڇڏيو.
وہ دانائے سُبُل، خَتْمِ رُسُل مولائے کُل جس نے
غُبارِ راہ کو بخشا فروغِ وادئ سینا([1])
آئيني جي پٺين حصي کي به چمڪايو اسان جي نبي
اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪيڏي پياري ڳالهه لکن ٿا:
سب چمک والے اُجلوں میں چمکا کئے اندھے شیشوں میں چمکا ہمارا نبی([2])