Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi

Book Name:Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi

هر ادا خَتمِ نبوت جو دليل

پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هڪ ڏاڍي خوبصورت ۽ ايمان افروز نڪتي جي ڳالھ آهي، مُسَيْلِمَہ ڪذّاب جيڪو نبوت جو ڪوڙو دعويدار هو، ان پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ظاهِري زندگي مبارَڪ ۾ ئي نبوت جي ڪوڙي دعويٰ ڪري ڇڏي هئي. هي ڪذّاب به يَمَامَه جو رهاڪو هو. حضرت ثُمامَه        رَضِیَ اللهُ عَنْہُ مسلمان ٿيڻ کان پهريان مُسَيْلِمَه ڪذّاب ڏانهن مائل هئا، ان کي نبي مڃيندا هئا، هڪ ڀيري ان جا قاصِد بڻجي مديني به آيا هئا.

هاڻي هتي ڪمال ڏسو! حضرت ثُمامَه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جيسين تائين ڏٺو نه هو، تيسين تائين مُسَيْلِمَه ڪذّاب کي نبي مڃي ويٺا هئا، جڏهن پياري مَحْبُوب    صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون پياريون ادائون ڏٺائون، ويجهي کان دِيدارِ پاڪ جو شرف حاصل ڪيائون ته ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويا.

ان مان معلوم ٿئي ٿو ته؛ پياري نبي، آخري نبي، رسولِ هاشمي               صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو چهرو پاڪ، مقدَّس حُسْن ۽ پياريون پياريون ادائون سندن شانِ خَتْمِ نبوت جو دليل هيون، جڏهن حضرت ثُمامَه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ اهي ادائون ڏٺيون ته سمجهي ويا ته مُسَيْلِمَه ڪذّاب بدبخت ڪوڙو آهي، خَتْمِ نبوت جو تاج ته ان پياري مَحْبُوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سِرَ پاڪ تي سجي چڪو آهي.

تری صُورت، تری سیرت زمانے سے نِرالی   تری ہر ہر ادا پیارے دلیلِ بےمثالی ہے

وضاحت: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! توهان جي صُورتِ پاڪ، سيرتِ پاڪ سڀ کان نِرالي آهي، توهان جي هر هر ادا پاڻ ان ڳالھ جو دليل آهي ته توهان بي مثل ۽ بي مثال آهيو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

دُنيا روشن ڪرڻ لاءِ آيا

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جا آقا ۽ مولا، مڪي مَدَني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مُبَلِّغِ اعظم آهن، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اتي نبي بڻجي تشريف فرما ٿيا،