Book Name:Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi
* شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه سيپٽمبر 1981ع ۾ دعوتِ اسلامي جو آغاز فرمايو * پاڻ هي مَدَني مقصد اختيار ڪيو ته مون کي پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصْلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي، پوءِ ان مَدَني مقصد کي اپنائي پاڻ نه ڏينهن ڏٺو نه رات، مسلسل ڪوشش ڪندا رهيا، ڪندا رهيا، ايستائين جو الله پاڪ جي ڪرم ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نَظْرِ عِنَايت سان، اولياءِ ڪرام جي فيضان سان دعوتِ اسلامي جو دِيني پيغام سڄي دُنيا ۾ عام ٿي ويو.
اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جي مسلسل ڪوششن سان * جيڪي بي نمازي هئا، نمازي بڻيا، بلڪ مسجدن جا امام بڻجي ويا * بدنگاهي ڪرڻ وارا حياءَ وارا بڻيا * ماءُ پيءُ کي ستائڻ وارا باادب ٿي ويا * چور ۽ ڌاڙيل آيا، تائب ٿيا، چوري، ڌاڙا ڇڏي مُعَاشَري جا شريف انسان بڻجي ويا * حَسَد جي باھ ۾ سڙندڙ شڪر گذار ۽ خير خواھ ٿي ويا * فلمن ۽ گانن جا شوقين نعتِ مصطفٰي پڙهڻ ٻڌڻ وارا بڻجي ويا * دُنيا جي گندي گناهن ڀريل عشق جا شيدائي، پياري مصطفٰي، مڪي مَدَني آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زُلفن جا ديوانا ٿي ويا * مال ۽ دولت جي پويان ڊوڙڻ وارا رِضاءِ اِلٰهي جا طلبگار ٿي ويا * شرابي آيا، توبه ڪري پاڪيزه انسان بڻيا * غافِل آيا، عبادت گذار بڻجي ويا * ڀٽڪيلن کي سڌو رستو ملي ويو * هزارين ڪافِرن کي اسلام جي نعمت نصيب ٿي. ائين هڪ هڪ ٻه ٻه ايندا ويا، نيڪي جي دعوت جي ان سفر ۾ سندن سان گڏ ملندا ويا، ڪاروان بڻجندو ويو ۽ اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! نيڪي جي دعوت جو هي ديني پيغام سڄي دُنيا ۾ پهچي ويو.
اے امیرِ اہلسنت تیری شوکت زندہ باد تجھ سے دُنیا بھر میں ہے دِیں کی اشاعت زندہ باد
تیری مجلس میں گئے جو بن گئے صالح سعید نوجواں پر ہو ترا فیضانِ صحبت زندہ باد
گوشہ گوشہ دنیا کا ہونے لگا ہے فیض یاب عام ہر سُو ہو گیا فیضانِ سُنَّت زندہ باد([1])