Book Name:Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi
انهن جي قسمت جو ستارو چمڪي رهيو هو، هڪ ڏينهن صبح جو وقت هو، هي ڪعبي جي حرم ۾ پهتا، ڏٺائون ته رسولِ ذيشان، مڪي مَدَني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نمازِ فجر ۾ اوچي آواز سان تِلاوت فرمائي رهيا آهن.
اللهُ اڪبر! قرآنِ ڪريم جهڙو پيارو پيارو ڪلام ۽ مَحْبُوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نِرالي زبان...!! قرآن ته هونءَ ئي دِلين کي روشن ڪري ڇڏيندو آهي، جڏهن پياري مَحْبُوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زَبانِ پاڪ سان پڙهيو وڃي، ته پوءِ ان جي تاثِير ڪيئن نه هوندي. جناب طفيل جي ڪن ۾ جڏهن قرآنِ پاڪ جو آواز ويو ته اوچتو ئي سڪتي ۾ اچي ويا، يعني حيراني سان بيهي رهيا، هڪ هڪ لفظ تاثِير جو تِير بڻجي انهن جي دِل ۾ لهندو ويو ۽ هي بيهي ٻڌندا رهيا. جڏهن پياري آقا، مڪي مَدَني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نماز مان فارِغ ٿيا، گهر مبارَڪ ڏانهن هليا ته جنابِ طفيل به بيتاب ٿي پويان پويان هليا، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خِدْمت ۾ عرض ڪيائون: حُضُور...!! مون کي ڪلمو پڙهائي پنهنجو غُلام بڻايو! ([1])
اے ماہِ عرب! مِہر ِعجم!میں تِرے صدقے ظلمت نے مِرے دن کو شبِ تَار بنایا
لِلّٰہ! کرم میرے بھی ویرانۂ دل پر صِحرا کو تِرے حُسن نے گلزار بنایا([2])
صحابيءِ رسول حضرت عبد الله بن عبّاس رَضِیَ اللهُ عَنْہُما فرمائن ٿا: محبوبِ ذيشان، مڪي مَدَني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خِدْمت ۾ سُوال ٿيو: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ! قرآنِ ڪريم جي ڪهڙي آيت اوهان تي گهڻي شِدَّت واري هئي...؟ فرمايائون: هڪ ڀيري حَجّ جو موسم هو، عرب جا مشرڪَ مڪي ۾ گڏ هئا، مان مِنيٰ ۾ موجود هئس. ان وقت حضرت جبريلِ امين عَلَیْهِ السَّلَام آيا ۽ هي آيت نازل ٿي:
یٰۤاَیُّهَا الرَّسُوْلُ بَلِّغْ مَاۤ اُنْزِلَ اِلَیْكَ مِنْ رَّبِّكَؕ (پارو:6، سورۀ مَائِدہ:67)
ترجمو ڪنزالعرفان: اي رسول! جيڪوڪجهه اوهان ڏانهن اوهان جي رب جي طرف کان نازل ڪيو ويو ان جي تبليغ فرمايو.