Book Name:Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi
هن شعر کي ٿورو تَوَجُّه سان سمجهو! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڏاڍي گِهري ڳالھ ڪئي آهي: مثال طور هڪ آئينو آهي، ان تي مٽي پئجي وئي، سال ٻه سال گذري ويا، ان آئيني تي مٽي ائين ئي پيل رهي، ڄمي وئي، اهو آئينو گهڻو ميرو ٿي ويندو پر هاڻي به اهو آئينو اهڙو آهي جو ان کي صاف ڪبو، آلو ڪپڙو لڳائبو، سٺي طريقي سان ان جي صفائي ڪبي ته اهو وري پهرين وانگر چمڪي پوندو. ٻئي طرف هڪ آئينو آهي، ان جي پويان رنگ لهي ويو، ان تي زنگ چڙهي ويو، هاڻي ان کي جيترو به گهڻو رڳڙبو، جيترو به صاف ڪبو، اهو پهرين جهڙو چمڪدار نه ٿيندو.
اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائي رهيا آهن: پهريان جيڪي انبياءِ ڪرام عَلَیْهِم السَّلَام تشريف فرما ٿيا، اهي جن ڏانهن موڪليا ويا، اهي پهريان کان ئي چمڪ وارا هئا، ڏسو! * حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام بني اسرائيل ڏانهن نبي بڻائي موڪليا ويا، بني اسرائيل نبين جو اولاد هئا، الله پاڪ تي به ايمان رکندا هئا، نبين کي به مڃيندا هئا * حضرت يوشع عَلَیْهِ السَّلَام بني اسرائيل جا نبي آهن * حضرت دائود عَلَیْهِ السَّلَام بني اسرائيل جا نبي آهن * حضرت سليمان عَلَیْهِ السَّلَام بني اسرائيل جا نبي آهن * حضرت زڪريا عَلَیْهِ السَّلَام * حضرت يحيٰ عَلَیْهِ السَّلَام بني اسرائيل جا نبي آهن * حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام به بني اسرائيل جا نبي آهن، اهي ماڻهو نبين جو اولاد هئا، الله پاڪ تي به ايمان رکندا هئا، قيامت کي به مڃيندا هئا، الله پاڪ جي ڪتابن کي به مڃيندا هئا، نبوت تي به ايمان رکندا هئا، بس گُنَاهن جي ڪري انهن جي دِلين تي مٽي پيل هئي، انبياءِ ڪرام عَلَیْهِم السَّلَام وڏي محنت ۽ اِنتہائي مهارت سان انهن جي دِلين تان مٽي هٽائي، انهن جي چمڪدار پر مٽي سان ڀريل دِلين کي ٻيهر چمڪائي ڇڏيو، يقيناً هنن وڏو ڪمال ڏيکاريو، پر آمنه جي لال، رسولِ بي مثال صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو شان ئي نِرالو آهي، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ان قوم ۾ نبي بڻائي موڪليو ويو، جن وٽ 4 هزار سالن کان ڪو به نبي نه آيو هو، عرب ۾ حضرت اسماعيل عَلَیْهِ السَّلَام نبي ٿيا، ان کان پوءِ ڪو به نبي عَلَیْهِ السَّلَام اَهْلِ عرب جي اِصْلاح جي لاءِ تشريف فرما نه ٿيو، هاڻي ان قوم جي حالت نهايت بدتر ٿي چڪي هئي، اهي الله پاڪ جي تَوْحِيد کي به نه مڃيندا هئا، نبين تي به