Book Name:Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي عِلْمِ دين جو فيضان عام ڪرڻ ۾ مَصْرُوف آهي، دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمينٽ هڪ موبائل ايپليڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: Darul Ifta Ahlesunnat (دار الافتاءِ اهلسنت). هن ايپليڪيشن ۾ توهان کي ملندا: ڪيئي مذهبي ۽ معاشرتي سوالن جون تحريري فتوائون * عقائد جي مُتَعَلِّق احڪام * قرآن ۽ حديث جي مُتَعَلِّق احڪام * وضو، غسل ۽ ناپاڪي جا احڪام * نماز جي مُتَعَلِّق مسئلا * ميّت جي مُتَعَلِّق مسئلا * مفتيانِ دعوتِ اسلامي جا اهم تربيتي ۽ معلوماتي وڊيو ڪلپس ۽ بيان * معاشرتي ۽ مذهبي حوالي سان رهنمائي ڪندڙ مختلف آرٽيڪلز (Articles) ۽ ڪتاب * مفتيانِ ڪرام جا مختلف علمي، تربيتي ۽ شرعي معلومات تي ٻڌل سلسلا * تجارت ڪورس، فرض علوم ڪورس ۽ گهڻو ڪجھ. هي ايپليڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري وٺو! پاڻ به فائدو وٺو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.
پيارا اسلامي ڀائرو! رَبيعُ الاوّل شريف جو مهينو جاري آهي. اميرِ اهلسنّت مولانا محمد الياس عطّار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه ٻارهين رات تائين مسلسل مدني مذاڪرا فرمائيندا. سڀئي ذِمّيدارَ ۽ عاشقانِ رسول هنن مدني مذاڪرن ۾ پاڻ به شرڪت فرمائن ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏين * شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه هر هفتي هڪ دِيني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ارشاد فرمائن ٿا، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ رسالو ”محبّتِ رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم “ جو اِعْلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ سوشل ميڊيا مثلاً واٽس ايپ وغيره تي رضاءِ اِلٰهي ۽ ثواب لاءِ ٻين ڏي به شيئر (Share) ڪيو!