Share this link via
Personality Websites!
پيارا اسلامي ڀائرو! توهان جي پنهنجي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي، هن وقت 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ دين جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! * ڪنز المدارس بورڊ جي نالي سان دعوتِ اسلامي جو پنهنجو تعليمي بورڊ آهي * تقريبًا 16 هزار 500 کان وڌيڪ جامعات ۽ مدارس المدينه (بوائز اينڊ گرلز) قائم آهن، جن ۾ حفظ و ناظره، عالِم ڪورس (درسِ نظامي)، مختلف تَخَصُّصَات (Specialization)، فرائض علوم ڪورسز ڪرايا وڃن ٿا * جامعات ۽ مدارس المدينه (بوائز اينڊ گرلز) ۾ شاگردن جو تعداد 5 لک 30 هزار کان وڌيڪ آهي * وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن ۽ ڀينرن کي قرآن ڪريم جي تعليم ڏيڻ لاءِ هينئر تائين تقريبًا 74 هزار 887 مدارس المدينه بالغان ۽ بالغات قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ پڙهندڙن جو تعداد تقريبًا 4 لک 26 هزار کان وڌيڪ آهي * فيضان آن لائن اڪيڊمي جي ذريعي تقريبًا 24 هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن * هينئر تائين تقريبًا 21 دار الافتاءِ اهلسنت قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ شرعي رهنمائين جو تعداد ماهانه اوسطًا 20 هزار آهي * المدينة العلميه (اسلامِڪ ريسرچ سينٽر) جي ذريعي ديني لٽريچر تي تحقيقي ڪم انجام ڏنو پيو وڃي، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! هن شعبي تحت هينئر تائين تقريبًا 1784 ڪتابن ۽ رسالن تي ڪم ٿي چڪو آهي، هن شعبي ۾ ڪيئي مدني علماءِ ڪرام خدمتون سرانجام ڏين ٿا، الله پاڪ جي ڪرم سان دعوتِ اسلامي انهن مدني عالمن کي باقاعده پگهارون ڏئي ٿي * ديني لٽريچر جي اشاعت لاءِ دعوتِ اسلامي پنهنجو اشاعتي ادارو مڪتبة المدينه قائم ڪيو، جتي بهترين ۽ خوبصورت انداز سان ڪتاب شايع ڪيا وڃن ٿا، تقسيم رسائل (يعني مختلف ڪتاب ۽ رسالا مفت تقسيم ڪرڻ) جو به سلسلو هوندو آهي ۽ ڪتاب وڪرو به ٿيندا آهن * سڄي دنيا ۾ ديني ڪمن جي ڌوم مچائڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جو پورو تنظيمي سيٽ اپ آهي، ذيلي حلقي کان وٺي مرڪزي مجلسِ شوريٰ تائين پورو هڪ نظام قائم آهي، شهر شهر،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami