Book Name:Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi
پيارا اسلامي ڀائرو! توهان جي پنهنجي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي، هن وقت 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ دين جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! * ڪنز المدارس بورڊ جي نالي سان دعوتِ اسلامي جو پنهنجو تعليمي بورڊ آهي * تقريبًا 16 هزار 500 کان وڌيڪ جامعات ۽ مدارس المدينه (بوائز اينڊ گرلز) قائم آهن، جن ۾ حفظ و ناظره، عالِم ڪورس (درسِ نظامي)، مختلف تَخَصُّصَات (Specialization)، فرائض علوم ڪورسز ڪرايا وڃن ٿا * جامعات ۽ مدارس المدينه (بوائز اينڊ گرلز) ۾ شاگردن جو تعداد 5 لک 30 هزار کان وڌيڪ آهي * وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن ۽ ڀينرن کي قرآن ڪريم جي تعليم ڏيڻ لاءِ هينئر تائين تقريبًا 74 هزار 887 مدارس المدينه بالغان ۽ بالغات قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ پڙهندڙن جو تعداد تقريبًا 4 لک 26 هزار کان وڌيڪ آهي * فيضان آن لائن اڪيڊمي جي ذريعي تقريبًا 24 هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن * هينئر تائين تقريبًا 21 دار الافتاءِ اهلسنت قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ شرعي رهنمائين جو تعداد ماهانه اوسطًا 20 هزار آهي * المدينة العلميه (اسلامِڪ ريسرچ سينٽر) جي ذريعي ديني لٽريچر تي تحقيقي ڪم انجام ڏنو پيو وڃي، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! هن شعبي تحت هينئر تائين تقريبًا 1784 ڪتابن ۽ رسالن تي ڪم ٿي چڪو آهي، هن شعبي ۾ ڪيئي مدني علماءِ ڪرام خدمتون سرانجام ڏين ٿا، الله پاڪ جي ڪرم سان دعوتِ اسلامي انهن مدني عالمن کي باقاعده پگهارون ڏئي ٿي * ديني لٽريچر جي اشاعت لاءِ دعوتِ اسلامي پنهنجو اشاعتي ادارو مڪتبة المدينه قائم ڪيو، جتي بهترين ۽ خوبصورت انداز سان ڪتاب شايع ڪيا وڃن ٿا، تقسيم رسائل (يعني مختلف ڪتاب ۽ رسالا مفت تقسيم ڪرڻ) جو به سلسلو هوندو آهي ۽ ڪتاب وڪرو به ٿيندا آهن * سڄي دنيا ۾ ديني ڪمن جي ڌوم مچائڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جو پورو تنظيمي سيٽ اپ آهي، ذيلي حلقي کان وٺي مرڪزي مجلسِ شوريٰ تائين پورو هڪ نظام قائم آهي، شهر شهر،