Book Name:Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi
امام حَسَن بَصَرِي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو سٺين ڳالهين جو حڪم ڏئي، بُرائن کان روڪي، اهو الله پاڪ جو به خليفو آهي، ان جي رسول (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جو به ۽ ان جي ڪتاب (يعني قرآنِ ڪريم) جو به خليفو آهي. ([1])
نيڪي جي دَعوَت ڇڏي ڏيڻ جا نقصان
پيارا اسلامي ڀائرو! جيئن نيڪي جي دَعْوَت ڏيڻ بهترين عبادت آهي، ائين ئي هي دِيني ڪم ڇڏي ڏيڻ بدتَرِين جُرْم آهي. روايت ۾ آهي: جيڪڏهن مسلمانن تبليغ ڇڏي ڏني ته انهن تي ظالِم بادشاه مُسَلَّط ٿيندا ۽ انهن جون دُعائون قبول نه ٿينديون. ([2])
اللهُ اڪبر...!! الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. اسان سڀني کي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ لڳي وڃڻ گهرجي.
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اڄ جي هن فتنن سان ڀريل دور ۾ عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي دُنيا ڀر ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ واري تنظيم آهي.
اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! 2 سيپٽمبر اچڻ وارو آهي. هر سال 2 سيپٽمبر تي يومِ دعوتِ اسلامي ڌوم ڌام سان ملهايو ويندو آهي.
یومِ دعوتِ اسلامی کا جشن ہے گھر گھر مصطفے کے دیوانے، کیوں نہ جھو میں خوش ہو کر
ہم کو دعوتِ اسلامی کا ہے دیا ماحول تیرا شکر ادا کیوں کر ہو خُدائے بحر و بر!
آؤ دعوتِ اسلامی پلائے گی پیاسو! اُلفت مُحَمَّد کے خوب جام بھر بھر کر
جس کو دعوتِ اسلامی خُدا نے دی عطّاؔر خوش نصیبی ہے اُس کی ہے بڑا وہ بختاور