Book Name:Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi
بس ايتري ئي گفتگو ٿي، پياري مَحْبُوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪجهه نه چيو ۽ تشريف وٺي ويا. * ٻئي ڏينهن وري فرمايائون: ثُمامَه ڇا حال آهي؟ تون پنهنجي مُتَعَلِّق ڇا ٿو سمجهين؟ ثُمامَه وري اهو ئي جواب ڏنو. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اڄ به خاموش رهيا. * ٽئين ڏينهن وري اهو ئي واقعو ٿيو، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف فرما ٿيا، پڇيائون: ثُمامَه ڇا حال آهي؟ ثُمامَه اڄ به اهو ئي جواب ڏنو، چيائين: منهنجو خيال سٺو ئي آهي، جيڪڏهن قتل ڪندا ته منهنجو بدلو ورتو ويندو، ڇڏي ڏيندا ته شُڪر گذار رهندس، مال گهرجي ته مال ڏيندس.
هاڻي 3 ڏينهن ٿي چڪا هئا، 3 ڏينهن کان ثُمامَه پياري آقا، مڪي مَدَني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دِيدار جو جام پِي رهيا هئا، پياريون پياريون دِلڪَش ادائون ڏسي رهيا هئا، هاڻي پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم کي حڪم ڏنو: ثُمامَه کي آزاد ڪري ڇڏيو...!!
اللهُ اڪبر! 3 ڏينهن تائين ادائون ڏيکاريائون، پنهنجي محبّت جو قيدي بڻائي ڇڏيائون، هاڻي فرمائن ٿا: هن کي آزاد ڪري ڇڏيو! هاڻي ڀلا آزاد ٿي ڪيڏانهن ويندو.
خير! صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم حڪمِ شاهِي تي عَمَل ڪيو، ثُمامَہ جون رسيون کولي ڇڏيون، ثُمامَہ مسجد مان نڪتا، ويجهو ئي هڪ باغ هو، اتي ويا، کوھ تي غسل ڪيائون ۽ غسل ڪري واپس مسجد ۾ آيا ۽ ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويا. ([1])
گِر کے قدموں پر وہ قرباں ہوگیا پڑھ لیا کلمہ مسلماں ہوگیا
ڪجهه دير پهريان تائين جيڪو اِسلام جو سخت دُشمن هو، هاڻي اهو ئي ثُمامَه صِرف ثُمامَه نه پر حضرت ثُمامَه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ٿي چڪو هو يعني هاڻي صحابيت جي درجي تي فائِز ٿي دُنيا جي سمورن اَوْلياءِ ڪرام کان مٿانهون رُتبو حاصل ڪري چڪو هو. هاڻي حضرت ثُمامَه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ پنهنجن جذبن جو اظهار ڪندي چيو: