Ahl e Suffah Ke Fazail

Book Name:Ahl e Suffah Ke Fazail

اهي صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم جيڪي ان جڳهه تي رهندا هئا، انهن کي اصحابِ صفه چوندا آهن.([1]) حضرت ابوهريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ، جيڪي پاڻ به اصحابِ صفه مان آهن، فرمائن ٿا: اَهْلُ الصُّفَّةِ اَضْيَافُ الْاِسْلَامِ يعني اصحابِ صفه اسلام جا مهمان آهن.([2]) 

اهي صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم ، جن کي پنهنجو ڪو گهر نه هو يا جيڪي پري پري کان دين جو علم سکڻ لاءِ مديني شريف ۾ حاضر ٿيندا هئا ۽ انهن وٽ مديني ۾ ڪا رهائش نه هوندي هئي ته اهي مقامِ  صُفه تي قيام ڪندا هئا، دنياوي لذتن کان پري، نفساني خواهشن کان پاڪ رهي، ڏينهن رات اتي ئي رهندا هئا، عبادتون ڪندا هئا، ديني علم سکندا ۽ سيکاريندا هئا ۽ دين جي خدمت ۾ مصروف رهندا هئا.

سُبْحٰنَ اللہ! اصحابِ صفه جو ڪهڙو نه نرالو نصيب هو، هِي اُهي خوشنصيب آهن، جن سخين جي سخي، مڪي مدني صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي در تي مستقل ديرو ڄمائي رکيو هو. مداحِ حبيب حضرت جميل رضوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: 

درِ اَقْدس پہ تمہارے کو پڑے رہتے ہیں                بڑھ کے جنّت  سے مدینے کی فضا جانتے ہیں

اپنی ہستی کو ترے در پہ مٹا جانتے ہیں                     کچھ وہی لُطف فَنا اور بَقا جانتے ہیں

اصحابِ صفه جو شان

الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو: 

وَ لَا تَطْرُدِ الَّذِیْنَ یَدْعُوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَدٰوةِ وَ الْعَشِیِّ یُرِیْدُوْنَ وَجْهَهٗؕ             (پارو: 7، سورة انعام: 52)   

ترجمو ڪنز العرفان: ۽ انهن ماڻهن کي پري نه ڪر جيڪي صبح ۽ شام پنهنجي رب کي ان جي رِضا چاهيندي پڪاريندا آهن.

حضرت شيخ سيد علي هجويري داتا صاحب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه      فرمائن ٿا هيءَ آيت مبارڪه اصحابِ صُفه جي شان ۾ نازل ٿي.([3])


 

 



[1]...  لسان العرب، جلد:9، صفحہ:195 بتقدم و تاخر۔

[2]... بخاری، کتاب الرقاق، باب کیف کان عیش النبی...الخ، صفحہ:1588، حدیث:6452۔

[3]...  کَشْفُ الْمَحْجُوب، باب الثانی فی الفقر، صفحہ:24۔