Ahl e Suffah Ke Fazail

Book Name:Ahl e Suffah Ke Fazail

اَللّٰہُمَّ اِنَّا نَسْئَلُکَ مِنْ فَضْلِکَ وَ رَحْمَتِکَ

يعني اي الله پاڪ! اسان توکان تنهنجي فضل ۽ رحمت جو سوال ڪيون ٿا. 

راوي فرمائن ٿا: اڃان حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دعا پوري به نه فرمائي هئي ته ان کان پهريان ئي هڪ صحابي ڀُڳَل ٻڪري ۽ مانيون کڻي حاضر ٿيو. پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کاڌو اسان جي سامهون رکرايو ۽ اسان پيٽ ڀري کاڌو.)[1](

کیوں بھٹکتے پھریں سرکار کے بندے دَر دَر؟        بگڑیاں سب کی وہ اِک پل میں بنا جانتے ہیں

حق نے تم کو دیا تم بانٹتے ہو عالَم میں                    جو مِلا جس کو، تمہارا ہی دیا جانتے ہیں

میرے داتا!مرے مولیٰ! مجھے ٹکڑا مل جائے       بے نوا اِس کے سوا اور نہ صدا جانتے ہیں

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! منهنجي آقا ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪيڏو نه شان آهي ...!! الله پاڪ کي سندن رِضا ايتري ته پسند آهي جو هيڏانهن لَبِ مبارڪ تي ڳالهه اچي ئي نه ٿي ۽ هوڏانهن پوري ڪئي وڃي ٿي. اعليٰ حضرت  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکيو آهي: 

اِجابت نے جُھک کر گلے سے لگایا                         بڑھی ناز سے جب دُعائے مُحَمَّد

اِجابت کا سہرا عنایت کا جوڑا                                دُلہن بن کے نِکلی دُعائے مُحَمَّد ([2])

وضاحت: يعني پياري آقا  صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي دعا جڏهن عزت ۽ شان سان اڳتي وَڌِي ته قبوليت جهڪي کيس ڀاڪُر پائي ورتو. پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي دعا ڄڻ ته ڪُنوار بڻجي نڪرندي آهي، جنهن کي الله پاڪ جي عنايتن جو جوڙو پهريل آهي ۽ قبوليت جو تاج  مٿي تي سجايل آهي.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

اصحابِ صُفه جو تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! صفه، مسجد نبوي شريف ۾ هڪ جڳهه جو نالو آهي.


 

 



[1]... حلیۃ الاولیا، جلد:2، صفحہ:28، رقم:1396ملخصاً۔

[2]...  حدائقِ بخشش، صفحہ:66۔