Ahl e Suffah Ke Fazail

Book Name:Ahl e Suffah Ke Fazail

جا ٻانها! هيءَ رقم اسان توکي شڪراني طور ڏئي رهيا آهيون، ڇاڪاڻ ته تو مون کي الله پاڪ ۽ سندس حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪر ڪرڻ جو موقعو ڏنو. ([1])

اهو الله وارن جو شان آهي. ڪاش! اسان به اهڙو ذهن بڻايون.

دنيا يا آخرت؟

هي جيڪو مون عرض ڪيو، اهو انهن ماڻهن بابت آهي، جيڪي ڪجهه نه ڪجهه ديني ذهن رکڻ وارا هوندا آهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان دين جي خدمت ڪندا رهندا آهن، جيڪڏهن عام ماڻهن جي ڳالهه ڪجي ته اهي ته ڪافي حد تائين دنيا کي ئي ترجيح ڏيندا آهن ٭ ماڻهو دڪان ۽ نوڪري جي چڪر ۾ نمازون به قضا ڪري ڇڏيندا آهن ٭ قافلي ۾ سفر جي دعوت ڏجي ته ڪم رنڊڪ جو سبب بڻجي ويندا آهن ٭ ديني اجتماعن ۾ حاضري کان محرومي ٿي ويندي آهي ٭ راههِ خدا ۾ هڪ ڏينهن ڏيڻ لاءِ ماڻهو تيار نه ٿيندا  آهن، ڇو...؟ ان جي لاءِ ته دنيا جو نقصان ٿي رهيو هوندو آهي.

پيارا اسلامي ڀائرو! دين جو ڪم مشڪلاتون برداشت ڪرڻ سان  ئي ٿيندو آهي. هيءَ دنيا آهي، اِها اِتي ئي رهجي ويندي. بس رڳو اک بند ٿيڻ جي دير آهي، گاڏيون، بنگلا، ڪوٺيون ڪنهن ڪم نه ايندا، قبر ۾ ساڻُ ڪنهن کي وڃڻو آهي؟ دين ۽ نيڪ عملن کي. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته لالچ کان پاسو ڪريون، چار پئسا گهٽ اچن ٿا ته ڇا ٿي پيو؟ ٭ دين جي خدمت ڪرڻ جي لاءِ ٭ نيڪيون ڪمائڻ جي لاءِ ٭ قرآن سکڻ ۽ سيکارڻ جي لاءِ ٭ تفسير ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جي لاءِ ٭ مدرسة المدينه بالغان ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي لاءِ          ٭ درس ڏيڻ ۽ ٻڌڻ جي لاءِ ٭ قافلن ۾ سفر ڪرڻ جي لاءِ وقت ڪڍو! جيڪڏهن ٿوري قرباني ڏيڻي ٿي پوي ته مہرباني ڪري ڏيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جي برڪت سان دنيا به سنورجي ويندي ۽ آخرت به سنورجي ويندي. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ ارشاد فرمايو آهي:


 

 



[1]...حیاتِ محدث اعظم پاکستان، صفحہ:184-185 ملخصاً۔