Book Name:Ahl e Suffah Ke Fazail
وٽ پراڻيون چادرون هونديون هيون، انهن سان ئي جسم ڍڪيندا هئاسين، ان کان سواءِ پائڻ لاءِ ڪپڙا نه هوندا هئا. چيلهه سِڌِي ڪرڻ جي مقدار (يعني چند گرهه) جيترو کائڻ کي به ڪڏهن ڪڏهن عرصو گذري ويندو هو. اسان پنهنجي پيٽن تي پٿر ٻڌندا هئاسين ۽ مٿان ڇِڪي ڪپڙو ٻَڌِي ڇڏيندا هئاسين.([1])
حضرت فُضَاله بن عبيد رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: هڪ دفعو رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم نماز پڙهائي رهيا هئا، نماز جي دوران ئي ڪجهه اصحابِ صفه بک جي شدت سبب بيہوش ٿي ڪري پيا.([2])
حضرت ابو هريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: هڪ دفعي مان ڪيترن ئي ڏينهن جو بکايل هئس، مسجد نبوي شريف ڏانهن وڃي رهيو هئس، بک جي شدت سبب هلڻ به مشڪل لڳي رهيو هو. هلندي هلندي مان چڪرائجي ڪري پيس. پوءِ اٿي، مسجد جي طرف روانو ٿيس، ٿورو هلڻ کان پوءِ وري چڪر آيو. ائين ئي چڪرائيندو، ٿِڙَندو، ٿاٻِڙَجندو مسجد نبوي شريف پهتس. اتي بيڪَسَن جي سردار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو. پاڻ سڳورن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم منهنجي چهري تي بک جا آثار ڏٺا ته گهران ثُرِيد (يعني شوربي ۾ ماني ڀوري تيار ڪيل کاڌو) گهرايو. مون کي فرمايائون: ابو هريره! وڃ، سڀني اصحابِ صفه کي سڏي اچ! مان سڀني کي سڏي آيس، رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم سڀني کي کاڌو کائڻ جو حڪم فرمايو، مون کي حڪم نه ڏنائون، تنهنڪري مان هڪ طرف بيٺو رهيس. جڏهن سڀئي اصحابِ صفه کائي چڪا، ته پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جن پيالو پنهنجي مبارڪ هٿن ۾ کنيو، ان جي ڪنارن تي جيڪو کاڌو وغيره لڳل هو اُهو پنهنجن مقدس آڱرين سان گڏ ڪيائون، جيڪو مشڪل سان هڪ گرهه جيترو ٿيو. پوءِ فرمايائون: ابو هريره! بِسْمِ اللہ پڙهي کاءُ! فرمائن ٿا: خدا جو قسم! الله پاڪ ان هڪ لقمي ۾ ايتري ته برڪت عطا فرمائي جو ان هڪ لقمي سان ئي