Book Name:Ahl e Suffah Ke Fazail
اَلحمدُ لِلّٰہ! بهترين لباس پائيندا آهيون، پر افسوس! عبادت کان پري ڀڄندا آهيون ٭ ڪثرت سان تلاوت ڪرڻ ٭ اٿندي ويهندي الله پاڪ جو ذڪر ڪرڻ ٭ درود پاڪ جي ڪثرت ڪرڻ ٭ سڄي سڄي رات نفل پڙهڻ، اها ته پري جي ڳالهه آهي بلڪه اسان ۾ اڪثريت اهڙن ماڻهن جي آهي، جيڪي پنجن وقتن جون نمازون به پوريون نه پڙهندا آهن، ڪڏهن ٻه ته ڪڏهن چار پڙهندا آهن، ڪڏهن فجر قضا، ته ڪڏهن عشاء ۾ سُستي. هِي به انهن جو حال آهي، جيڪي دين ڏانهن رغبت رکندا آهن، نه ته لکين ماڻهو ته اهڙا آهن، جيڪي مسجد ۾ ايندا ئي نه آهن، نماز بلڪل نه پڙهندا آهن.ا
ڪاش! اصحابِ صفه جو اسان کي فيض نصيب ٿي وڃي، ڪاش! اسان به صبح ۽ شام، ڏينهن ۽ رات، الله الله ڪرڻ وارا، درود پڙهڻ وارا، ذڪر ڪرڻ وارا، نيڪ ۽ عبادت گذار بڻجي وڃون.
گناہوں سے مجھ کو بچا یاالٰہی بُری عادتیں بھی چھڑا یاالٰہی
خطاؤں کو میری مِٹا یاالٰہی مجھے نیک خصلت بنا یاالٰہی ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اصحابِ صفه اهي خوش نصيب صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم آهن، جن هزارين مشقتون برداشت ڪيون، ان جي باوجود به علم دين سکڻ، سيکارڻ ۽ دين جي خدمت ۾ مشغول رهيا ٭ هنن وٽ رهڻ لاءِ پنهنجا گهر نه هئا ٭ لباس صرف ايترو هوندو هو جنهن سان سِتر مشڪل سان ڍڪجي سگهندو هو ٭ سندن ڪيترائي ڏينهن بکن ۾ گذري ويندا هئا ٭ ڪڏهن ڪڏهن ته بک جي شدت سبب گهمڻ ڦرڻ به مشڪل ٿي ويندو هو، ڪجهه صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم ته بيہوش ٿي ڪري پوندا هئا.
حضرت ابو هريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ، جيڪي اصحابِ صفه مان آهن، اهي پنهنجن شاگردن کي پنهنجا واقعا ٻڌائيندا هئا. هڪ ڏينهن فرمايائون: اسان اصحابِ صفه