Book Name:Ahl e Suffah Ke Fazail
٭ هر ڇنڇر تي امير اہلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه مدني چينل تي لائيو هفتيوار مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، ايندڙ ڇنڇر تي به مدني چينل تي رات جو تقريباً 9 لڳي 30 منٽن تي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هفتيوار مدني مذاڪرو ٿيندو، جنهن ۾ امير اہلسنت مولانا الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه سوالن جا جواب به عنايت فرمائيندا. تمام ذميداران ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت فرمايو ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏيو ٭ شيخِ طريقت، امير اہلسنت هر هفتي هڪ دِيني رسالو پڙهڻ جي ترغيب به ارشاد فرمائيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ سجدي جون فضيلتون رسالي جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ جيڪي سوشل ميڊيا جهڙوڪ واٽس ايپ وغيرهه استعمال ڪندا آهن، رضاءِ اِلٰهي ۽ ثواب ڪمائڻ جي لاءِ هي رسالو ٻين سان به شيئر (Share) ڪريو! ٭ امير اہلسنّت مولانا محمد الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جي قلم سان لکيل، اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي عشق و محبّت، علم و تقويٰ ۽ سندن زندگي مبارڪ جي تذڪري تي مشتمل سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيل 2 رسالا (1): امام احمد رضا جو تذڪرو (2): بريلي کان مديني تائين. مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 15/15 رپين ۾ خريد ڪريو يا دعوتِ اسلامي جي ويب سائيٽ www.dawateislami.net تان ڊائون لوڊ ڪري پاڻ به مطالعو فرمايو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو.
پيارا اسلامي ڀائرو! اهي عاشقانِ رسول جيڪي گورنمينٽ اسڪيم حج پاليسي 2026ع پاڪستان تحت حج تي وڃڻ جو ارادو رکن ٿا ۽ دعوتِ اسلامي جي شعبي حج ۽ عمرو جي حج گروپن ۾ شامل ٿي، هن مقدس فريضي کي ادا ڪرڻ چاهين ٿا، اهي دعوتِ اسلامي جي ويب سائيٽ www.dawateislami.net جي ذريعي پنهنجو ”حج معاونت فارم“ آن لائن جمع ڪرائين.