Book Name:Ahl e Suffah Ke Fazail
توهان کي التجا آهي ته هفتيوار اجتماع ۾ پابندي سان شرڪت ڪندا رهو! ٭ دِيني اجتماع ۾ ويهڻ ۽ ذِڪْر ڪرڻ وارن جو اهڙو ته شان آهي جو حديث پاڪ ۾ فرمايو ويو جيڪو انهن جي محفل ويهندو آهي اهو به بدبخت نه رهندو آهي. ([1])
اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! هفتيوار اجتماع ۾ ذِڪْر ٿيندو آهي ٭ عِلْمِ دِين به سکڻ لاءِ ملندو آهي ٭ نيڪ صحبت ۾ ويهڻ ٭ ۽ مسجد ۾ وقت گذارڻ نصيب ٿيندو آهي ٭ هڪ اهم برڪت اها ته دِيني اجتماع لاءِ وڃڻ به راهِه خدا ۾ نڪرڻ آهي، هفتيوار اجتماع ۾ تشريف کڻي ايندؤ ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! گهر مان نڪرڻ کان وٺي واپس موٽڻ تائين سمورو وقت راهِه خدا ۾ شمار ٿيندو. هر جمعرات پابندي سان هفتيوار اجتماع ۾ شروع کان آخر تائين شرڪت جي نيت ڪري وٺو. اچو ته ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا!
هڪ اسلامي ڀاءُ جي خط جو خلاصو آهي ته منهنجو تعلق بدمذهب گهراڻي سان هو. دعوتِ اسلامي سان وابسته ٿيڻ جي سعادت ائين نصيب ٿي جو هڪ دفعو دعوتِ اسلامي جي عاشقِ رسول اسلامي ڀاء سان ملاقات ٿي. هن مون کي هفتيوار سنتن ڀريي اجتماع ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، جنهن کي مون نه چاهيندي به قبول ڪري ورتو. جڏهن مان اجتماع ۾ شريڪ ٿيس ته اتي ٿيندڙ پرسوز بيان ۽ رقت انگيز دعا منهنجي دل ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو، جنهن سبب مون کي قلبي سڪون حاصل ٿيو، بس پوءِ ته اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ منهنجو معمول بڻجي ويو. گهر وارن کي خبر پئي ته هنن رڪاوٽون وجهڻ شروع ڪيون. اللہ پاڪ جي عطا ڪيل توفيق سان مان ڪنهن نه ڪنهن طرح اجتماع ۾ پهچي ئي ويندو هيس. هاڻي منهنجو نيڪيون ڪرڻ جو جذبو روز بروز وڌندو پئي ويو. منهنجي اخلاق ۾ بهتري اچڻ شروع ٿي وئي، گهر وارن جڏهن منهنجي اخلاق ۽ ڪردار ۾ تبديلي ايندي ڏٺي ته آهستي آهستي هنن به نرمي اختيار ڪرڻ شروع ڪئي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اجتماع جي برڪت سان