Ahl e Suffah Ke Fazail

Book Name:Ahl e Suffah Ke Fazail

سندن ڪپڙا ۽ جوتا خشڪ هئا، انهن تي بلڪل به گپَ نه لڳي هئي. مون حيرت مان ان جي حڪمت پڇي ته فرمايائون: جڏهن کان مون تَوَڪُّل اختيار ڪيو آهي ۽ دل مان لالچ کي دور ڪري ڇڏيو آهي، تڏهن کان الله پاڪ مون کي گپ کان بچائي ڇڏيو آهي. ([1]) 

سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙو نه اعليٰ شان آهي...!! معلوم ٿيو ته جيڪو شخص دل مان دنيا جي حرص ۽ لالچ ڪڍي، صِرف ۽ صِرف اللہ پاڪ جو ٿي ويندو آهي، ان ڏانهن ئي توجهه رکندو آهي، ان تي ئي ڪامل ڀروسو ڪندو آهي، اللہ پاڪ ان کي دنياوي گندگين ۽ ان جي براين کان بچائي وٺندو آهي. 

          اچو ته! دعا ڪريون: 

محبّت میں اپنی گُما یاالٰہی!                                 نہ پاؤں میں اپنا پتا یاالٰہی!

رہوں مست وبے خود میں تیری وِلا میں            پِلا جام ایسا پِلا  یاالٰہی! ([2])

      اللہ پاڪ اسان کي به توفيق عطا فرمائي، ڪاش! اَصحابِ صُفه جو فيضان اسان کي به نصيب ٿي وڃي، اسان به راههِ خدا ۾ قربانيون پيش ڪيون، هونئن ته اللہ بچائي پر پوءِ به ان راهه ۾ جيڪڏهن مشقت اچي، مصيبت اچي، پريشانيون اچن، تڏهن به صبر سان ثابت قدم رهون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿي وينديون. اللہ پاڪ اسان کي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم:  هفتيوار  اجتماع

      پيارا اسلامي ڀائرو! صحيح اسلامي عقيدا سکڻ، عشقِ مصطفيٰ سان دل کي منور ڪرڻ، صحابه ۽ اہل بيتِ اَطہَار رَضِیَ اللهُ عَنْہم جي محبت حاصل ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو. 12 ديني ڪمن ۾ حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جون خوب برڪتون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار اجتماع به آهي. 


 

 



[1]... کشف المحجوب،باب فی فرق فرقہم...الخ، الکلام فی ذکر کراماتہم، صفحہ:291۔

[2]...وسائلِ بخشش، صفحہ:105۔