Ahl e Suffah Ke Fazail

Book Name:Ahl e Suffah Ke Fazail

سُبْحٰنَ اللہ! ڪنهن عاشقِ رسول چيو آهي: 

کسی کا اِحسان کیوں اُٹھائیں، کسی کو حالات کیوں بتائیں

تمہیں سے مانگیں گے، تم ہی دو گے، تمہارے در سے ہی لو لگی ہے

خير! اصحابِ صفه ٽي روزا رکيا، افطار جي وقت کائڻ لاءِ ڪجهه نه مليو، مسلسل ٽن ڏينهن جي بک آهي، طاقت جواب ڏئي رهي آهي، صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم ڇا ڪيو...؟ محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضر ٿي ويا، سڄي ماجرا عرض ڪيائون.

رب کے پیارے، راج دلارے                            ہم ہیں تمہارے، تم ہو ہمارے

اے دامان رحمت والے، تم پر لاکھوں سلام                                 [1]

پياري نبي، سهڻي نبي، سچي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پهريان ته ازواجِ مطهرات ڏانهن پيغام موڪليو، فرمايائون: گهر ۾ ڪجهه کائڻ لاءِ هجي ته موڪلي ڏيو. جواب آيو ته جيڪو ڪجهه هو، سو غريبن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي، هاڻي گهر ۾ ڪجهه به نه آهي. الله! الله!

نعمتیں تم آوروں کو کھلاؤ                                      خود کھاؤ تو جو کی کھاؤ

                            نان جویں پر قناعت والے تم پر لاکھوں سلام

دولت دو عالم کو بانٹو                                            اپنے پیٹ پہ پتھر باندھو

                           اللہ! اللہ! سخاوت والے تم پر لاکھوں سلام

گهر ۾ في الوقت کائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو ...!! 

اور نہ کہنا نہیں عادت رسول اللہ کی  تنهنڪري محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اصحابِ صفه کي فرمايو: سڀ هڪ هنڌ گڏ ٿيو! اصحابِ صفه گڏ ٿيا. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دعا فرمائي: 


 

 



[1] سامانِ بخشش، صفحہ:90۔