Book Name:Ahl e Suffah Ke Fazail
ڪنداسين ته ڇا غير مسلم اچي ڪندا؟ هونئن به دين جي خدمت ته اسان سڀني کي ڪرڻي ئي آهي ۽ ان سان گڏ جيڪڏهن پگهار به ملي رهي آهي ته اهو ته سون تي سهاڳي وارو ڪم آهي. الله پاڪ اسان کي جيڪا صلاحيت ڏني آهي، اها به ته هڪ نعمت آهي. اسان کي قرآن پاڪ درست مخارج سان پڙهڻ اچي ٿو، پڙهائڻ اچي ٿو، الله پاڪ اسان کي علم جي دولت عطا فرمائي آهي، اها به ته نعمت آهي. قيامت جي ڏينهن ان جي باري ۾ به سوال ڪيو ويندو، ڇا اهو نه پڇيو ويندو ته ٭ توهان کي قرآن سيکاريو ويو هو، توهان ڇا ڪيو؟ ٭ توهان کي عالم ڪورس ڪرڻ جي توفيق عطا ڪئي وئي، توهان دين جي ڪيتري خدمت ڪئي؟ ٭ توهان کي علم دين جي نعمت عطا ڪئي وئي، توهان ڪيترن تائين دين پهچايو؟ جي ها! روزِ قيامت اهو سوال ٿيندو. حديث شريف ۾ آهي قيامت ۾ ٻانهي کان پنج سوال ڪيا ويندا، جيسيتائين ٻانهو انهن جا جواب نه ڏيندو، تيسيتائين ان کي ٽامي جي تتل زمين تان قدم کڻڻ جي اجازت نه هوندي، انهن مان هڪ سوال هي به آهي ته توهان علم ڪٿان سکيو ۽ ان تي ڪيترو عمل ڪيو.
هي سوال ٿيڻو آهي. جيڪڏهن اسان ديني اداري ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون، پوءِ ته اسان پنهنجي آخرت جي تياري ۾ مشغول آهيون. ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن پگهار به ملي رهي آهي، جيتوڻيڪ اها پنج هزار يا ڏهه هزار گهٽ ئي ڇو نه هجي، تڏهن به اها ٻيڻي (Double) فائدي جي ڳالهه آهي جو گهر جو چرخو به هلي رهيو آهي ۽ دين جي خدمت به ٿي رهي آهي.
محدثِ اعظم پاڪستان مولانا سردار احمد صاحب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هڪ تمام وڏا عالمِ دين ٿي گذريا آهن. هڪ ڀيري پاڻ ڪنهن محفل ۾ بيان ڪرڻ لاءِ تشريف وٺي ويا. ميزبان غريب ماڻهو هئا، پاڻ سندن گهر بيان فرمايو.
بيان ختم ٿيڻ کانپوءِ، واپسيءَ وقت ان جي بدران ته گهر وارا ڪجهه نذرانو پيش ڪن، پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنهنجي طرفان ڪجهه رقم انهن کي پيش ڪئي. گهر جي مالڪ عرض ڪيو: ”حضور! اوهان مون کي شرمسار ته نه ڪريو.“
سبحان الله! الله وارن جي ڪهڙي نه شان آهي. پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: اي الله