Ahl e Suffah Ke Fazail

Book Name:Ahl e Suffah Ke Fazail

تم عرش کے تاجدار مولی                          تم فرش کے باوَقار آقا

اس شان کے ہم نے کیا کسی نے                  دیکھے نہیں زِینہار آقا

سرکار کے تاجدار بندے                           سرکار ہیں تاجدار آقا([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

اَصحابِ صُفه جو  ذوقِ عِبَادت

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٻه آيتون ٻڌيون، جن ۾ ارشاد ٿيو:

یَدْعُوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَدٰوةِ وَ الْعَشِیِّ یُرِیْدُوْنَ وَجْهَهٗ

 (پارو: 15، سورة کہف: 28)

ترجموڪنزالعرفان: صبح ۽ شام پنهنجي رب کي سڏيندا آهن، ان جي رضا گهرندا آهن.

اصحابِ صفه  جي عبادت جو شوق ڏسو! ڪيترو نه اعليٰ هوندو هو، جو پاڻ الله پاڪ شاهدي ڏئي رهيو آهي ته اصحابِ صفه  عبادت گذار آهن، صبح شام عبادت ڪندا رهندا آهن ۽ اها عبادت به ڪهڙي...؟ رياڪاري يا ڏيکاءَ واري نه، بلڪه یُرِیۡدُوۡنَ وَجۡہَہٗ يعني اصحابِ صفه نهايت اخلاص سان صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا جي لاءِ عبادت ڪندا آهن.

  سُبْحٰنَ اللہ! ڪاش! اسان غلامانِ صحابه کي به عبادت ۽ رياضت جي توفيق نصيب ٿي وڃي. اسان پنهنجي ڏينهن ۽ رات صبح ۽ شام جو جائزو وٺون، ڇا اسان به عبادت ڪندا آهيون ...؟ افسوس! اسان جا ڏينهن ۽ راتيون ته فضوليات ۾ گذرندا رهندا آهن. جيڪڏهن ظاهري نعمتن کي ڏٺو وڃي ته اصحابِ صفه دنيا کان بي نياز هئا، زُهد وارا هئا. اسان ٻڌو ته ڪڏهن ڪڏهن ته ٽن ٽن ڏينهن تائين هڪ گِرَهُه به سندن پيٽ ۾ نه لَهَندو هو، جسم تي پائڻ لاءِ صرف ستر ڍڪڻ جيترو لباس هوندو هو، ان جي باوجود به هي حضرات ڏينهن رات عبادت ۾ گذاريندا هئا. ٻئي طرف اسان جو حال ڏسو! هڪ کان هڪ لذيذ کاڌو اسان کائي رهيا آهيون، رات جو کائي سمهندا آهيون، صبح اٿي وري کائيندا آهيون،


 

 



[1]... ذوقِ نعت، صفحہ:65-66 ملتقطاً۔