Book Name:Ahl e Suffah Ke Fazail
آهي جو جيڪڏهن مُردہه دلين تي پون ته اهي جيئريون ٿي پون، نُورَ سان ڀرجي وڃن، اهڙين مبارڪ اکين جي عنايت تي لکين سلام هجن.
هي نگاھِ مصطفيٰ جو ئي ڪمال آهي جو جنهن طرف کَڄِي وڃي، ته مُئَلن ۾ ساهه وِجهِي ڇڏي، بگڙيل قسمت سنواري ڇڏي. اسان جهڙا نِڪَما ترسندا آهن ته ڪاش اها زندگي بخش نگاھ هڪ لمحي جي لاءِ اسان کي به نصيب ٿي وڃي ته اسان جا نسل سنورجي وڃن، ٻنهي جهانن جون ڪاميابيون اسان جي قدمن ۾ اچي وڃن، هوڏانهن اصحابِ صفه جو نصيب ڏسو، ربِ ڪائنات فرمائي ٿو: اي محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم انهن کان نگاھ نه ڦيريو! يعني انهن کي پنهنجين نگاھن ۾ رکندا ڪريو!
ڪاش! اصحابِ صفه جي صدقي اسان نِڪَمن تي به ڪرم ٿي وڃي ...!!
خوشا قسمت وہ دم بھر کو جو نظر زندگی بخشیں
یہ عالم زندگی کا زندگی بھر ہو تو کیا کہنا
مصطفيٰ مِلي وَيا ٻيو ڇا گهرجي!
پيارا اسلامي ڀائرو! هي به غور فرمايو! الله پاڪ فرمايو:
وَاصْبِرْ نَفْسَكَ يعني اي پيارا محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم پاڻ کي اصحابِ صفه سان مانوس رکو!
روايت ۾ آهي: محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جو معمول مبارڪ هي هو ته اصحابِ صفه وٽ تشريف رکندا هئا، ڪو ڪم هوندو هو ته تشريف وٺي ويندا هئا، جڏهن هيءَ آيت نازل ٿي، ته ان کان پوءِ معمول مبارڪ هي ٿي ويو ته جيسيتائين اصحابِ صفه خدمت ۾ حاضر هوندا هئا، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به تشريف فرما رهندا هئا، جڏهن اهي حضرات اٿندا هئا تڏهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ڪيڏانهن تشريف وٺي ويندا هئا، ايتري قدر جو پاڻ پنهنجي ڪنهن ضرورت تحت به تشريف وٺي نه ويندا هئا([1]).