Book Name:Ahl e Suffah Ke Fazail
حضرت خباب رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: هي آيتِ ڪريمه نازل ٿيڻ کان پوءِ پيارا آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم اسان کي پنهنجي ايترو ته ويجهو ويهاريندا هئا جو اسان جا گوڏا سندن گوڏن سان ملي ويندا هئا. ([1])
جب تک بِکے نہ تھے ، کوئی پوچھتا نہ تھا آپ نے خرید کر ہمیں انمول کر دیا
هڪ مقام تي الله پاڪ فرمايو:
وَ اصْبِرْ نَفْسَكَ مَعَ الَّذِیْنَ یَدْعُوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَدٰوةِ وَ الْعَشِیِّ یُرِیْدُوْنَ وَجْهَهٗ وَ لَا تَعْدُ عَیْنٰكَ عَنْهُمْۚ
(پارو: 15، سورة کہف: 28)
ترجمو ڪنز العرفان: ۽ پنهنجي جان کي انهن ماڻهن سان مانوس رک جيڪي صبح ۽ شام پنهنجي رب کي سڏيندا آهن، ان جي رضا گهرندا آهن ۽ تنهنجيون اکيون انهن کي ڇڏي ٻين تي نه پون.
پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ آيت ڪريمه به اصحابِ صفه جي شان ۾ نازل ٿي،([2]) هتي الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ٻه حڪم ارشاد فرمايا آهن:
(1): وَ اصْبِرْ نَفْسَكَ يعني اي پيارا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ کي اصحابِ صفه سان مانوس رکو!
(2): وَ لَا تَعْدُ عَیْنٰكَ عَنْهُمْۚ يعني پنهنجيون مقدس مبارڪ نگاھون انهن کان نه هٽايو!
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! اصحابِ صفه جي قسمت تان سو ڀيرا جان قربان ...!! ڪهڙو نه نصيب ماڻيو اٿن. اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا:
جس طرف اُٹھ گئی، دم میں دم آگیا اس نگاہ عنایت پہ لاکھوں سلام([3])
وضاحت: يعني پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي مبارڪ نگاھن جو هي ڪمال