Ahl e Suffah Ke Fazail

Book Name:Ahl e Suffah Ke Fazail

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجهه سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون، نيت ڪريو! ٭الله پاڪ جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس ٭ بَاادب ويهندس ٭ خوب تَوَجُّه سان بيان ٻڌندس ٭ جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!     صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

دعاءِ مصطفيٰ جي برڪت

حضرت ابو هريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ، رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جا صحابي آهن، فرمائن ٿا: هڪ دفعو رمضان شريف جو مبارڪ مهينو هو، اسان اصحابِ صُفه (يعني پنهنجو گهر ٻار ڇڏي ديني علم سکڻ ۽ سيکارڻ جي لاءِ مسجد نبوي شريف ۾ قيام ڪرڻ وارن صحابهءِ ڪِرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم) جو معمول مبارڪ هي هو ته روزانو روزو رکندا هئا، افطار جي وقت ڪو مالدار صحابي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ اسان کي پنهنجي گهر وٺي ويندو هو ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي نيت سان روزو افطار ڪرائيندو هو.

٭ هڪ ڀيري هيئن ٿيو جو ڪو به اسان کي وٺڻ نه آيو، اسان ايئن ئي بغير کائڻ پيئڻ جي سڄي رات گذاري ڇڏي ٭ ٻئي ڏينهن وري روزي جي نيت ڪئي، ان رات به ڪونه آيو، اسان اها رات به بک ۾ گذاري ٭ ٽين رات به ائين ئي ٿيو، هاڻي ٽن ڏينهن جا لڳاتار روزا اسان بِنا ڪجهه کائڻ پيئڻ جي رکي چڪا هئاسين، بک جي سخت شدت هئي، هاڻي ته جسم ۾ وڌيڪ سِڪَت به نه رهي هئي.

پيارا اسلامي ڀائرو! هتي صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم جي ادا نوٽ ڪريو! ٽن ڏينهن جي بک، لڳاتار روزا ۽ کائڻ لاءِ ڪجهه ميسر نه پئي ٿيو، صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم اُنَ مشڪل گهڙيءَ ۾ ڇا ڪيو...؟؟ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا:

وہ ہی رب ہے جس نے تجھ کو ہمہ تن کرم بنایا                                                                                                                              ہمیں بھیک مانگنے کو ترا آستاں بتایا

تجھے حمد ہے خدایا