Book Name:Ahl e Suffah Ke Fazail
اِنۡ تَنۡصُرُوا اللّٰہَ یَنۡصُرۡکُمۡ
(پارو: 26، سورة مُحَمَّد: 7)
ترجموڪنزالعرفان: جيڪڏهن توهان الله جي دين جي مدد ڪندﺆ ته الله توهان جي مدد ڪندو.
تنهنڪري اسان دين جا خادم بڻجي وڃون، الله پاڪ اسان جا بگڙيل ڪم بڻائي ڇڏيندو.
داتا حُضُور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو ذِڪرِ خير
صَفر شريف جو مهينو آهي. 20 صَفَر تي داتا حُضُور جو ڏينهن آهي. حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رحمۃُ اللہِ علیہ بَرِصغير جي مشهور ۽ معروف هستي آهن، پاڪستان جو ته شايد ٻار ٻار سندن نالي پاڪ کان واقف آهي. سندن زندگي مبارڪ تي غور ڪيون ته صاحِبِ فَقر بزرگ هئا، يعني پاڻ دنيا ۽ مال ۽ دولت کان بي نياز رهندا هئا، دنياوي لالچ، حِرص و هَوَس کان پاڪ، بس الله جي رِضا جي طلب ۾ زندگي گذاريندا هئا. جڏهن پاڻ لاهور تشريف فرما ٿيا ان وقت به گهڻو ساز ۽ سامان پاڻ سان گڏ نه آندو هئائون، بس ائين کڻي چئجي ته ظاهري طور هٿين خالي تشريف کڻي آيا هئا، پوءِ هتي اچي به شروعات ۾ ڪپڙي جي خيمي ۾ قيام فرمايائون، بعد ۾ به ڪوٺيون، بنگلا وغيرهه نه ٺاهيائون، بس دِين جي خِدمت ۾ ئي سڄي زندگي گذاري ڇڏيائون. اڄ تقريباً 12 صديون گذرڻ باوجود به سندن درٻار تي هر وقت ماڻهن جو هجوم نظر ايندو آهي. ڏينهن هجي يا رات، گرمي هجي يا ٿَڌ، لڱ ساڙيندڙ گرمي هجي يا وارَ ڪانڊاريندڙ سردي هر وقت درِ پاڪ تي عاشقن جو هجوم ئي هوندو آهي. اهي خِدمتِ دِين جون برڪتون آهن. هنن سڀ ڪجهه دِين جي لاءِ قربان ڪيو، اللہ پاڪ وڏن وڏن کي سندن قدمن ۾ جهڪائي ڇڏيو.
داتا حُضُور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پاڻ لکن ٿا ته هڪ ڏينهن مان پنهنجي پِيرِ ڪامل (شيخ ابو الحسن خُتَلي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه) سان گڏ دِمَشق وڃي رهيو هئس، پيرين پنڌ سفر هو، بارش ٿي چڪي هئي، تنهنڪري رستي ۾ گَپَ هئي. فرمائن ٿا: مون کي هلڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي هئي، پر جڏهن مان پِير صاحِب ڏانهن نهاريو ته