Ahl e Suffah Ke Fazail

Book Name:Ahl e Suffah Ke Fazail

روايت ۾ آهي: هڪ دفعو غير مسلمن ڏٺو ته پياري محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي چوڌاري غير مالدار صحابي حاضر آهن، غير مسلمن چيو: اسان کي انهن غريبن سان گڏ ويهڻ ۾ شرم اچي رهيو آهي، انهن کي هتان اُٿاريو وڃي ته اسان ڪلمو پڙهنداسين. غريبن جي آقا، بيڪسن جي داتا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم هن مطالبي مڃڻ کان صاف نڪار ڪري ڇڏيو. ان تي هيءَ آيتِ ڪريمه نازل ٿي، فرمايو ويو: اي محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم! اهي خوشنصيب، نيڪ دل مسلمان جيڪي صبح شام الله پاڪ کي پڪاريندا آهن، عبادت ڪندا آهن، صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا جا طلبگار رهندا آهن، انهن کي پاڻ کان پري نه ڪيو.([1])

جو تِرا ہو گیا خُدا کا ہوا                                 جو خُدا کا ہوا، ہوا تیرا

حوصلے کیوں کہیں گھٹیں غریبوں کے          ہے اِرادہ بڑھا ہوا تیرا[2]

اصحابِ صُفه جي عزت افزائي

انهن صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم جي شان ۾ الله پاڪ وڌيڪ فرمائي ٿو:

وَ اِذَا جَآءَكَ الَّذِیْنَ یُؤْمِنُوْنَ بِاٰیٰتِنَا فَقُلْ سَلٰمٌ عَلَیْكُمْ كَتَبَ رَبُّكُمْ عَلٰى نَفْسِهِ الرَّحْمَةَۙ    

(پارو:7، سورة انعام: 54)         

ترجموڪنزالعرفان: ۽ جڏهن توهان جي بارگاهه ۾ اهي ماڻهو حاضر ٿين جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان آڻين ٿا، ته انهن کي چئو: توهان تي سلام هجي، توهان جي رب پنهنجي ذمي تي رحمت لازم ڪري ڇڏي آهي

يعني اي محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم هي پاڪ ماڻهو جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو آهي، جڏهن اهي توهان جي خدمت ۾ حاضر ٿين ته ٭ توهان انهن جي عزت افزائي ڪريو! ٭ انهن کي سلام ڪرڻ ۾ اڳرائي ڪريو! ٭ ۽ کين اها خوشخبري ٻڌايو ته الله پاڪ فضل فرمائيندي پنهنجي ذمي تي رحمت لازم ڪري ڇڏي آهي. ([3])


 

 



[1]... ابن ماجہ، کتاب الزہد، باب مجالسۃ الفقراء، صفحہ:671، حدیث:4127ملخصاً

[2]... ذوقِ نعت، صفحہ:69۔

[3]... تفسیر صراط الجنان،پارہ:7، سورۂ انعام، زیرِ آیت:54، جلد:3، صفحہ:118 ۔