Book Name:Ahl e Suffah Ke Fazail
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام جي طرف آڻيندي سُنت جي فضيلت ۽ ڪجهه آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدارِ رسالت، شهنشاهِه نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنت سان محبت ڪئي، اُن مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي، اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
تَوَاضع يعني عاجزي ڪرڻ سنت آهي
2 فرامينِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم: (1): جيڪو اللہ پاڪ لاءِ عاجزي اختيار ڪندو آهي، اللہ پاڪ ان کي بلندي عطا فرمائيندو آهي. ([2]) (2): افضل عبادت تَوَاضُع (يعني عاجزي) آهي. ([3])
اي عاشقانِ رسول! تَوَاضُع (يعني عاجزي ڪرڻ) سُنتِ مصطفيٰ آهي ٭ اسان جا آقا وموليٰ، مُحَمَّدِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم تمام وڏي رُتبي وارا آهن، اللہ پاڪ کان پوءِ سڀني کان اعليٰ رُتبو سندن جو ئي آهي، ان سان گڏوگڏ پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جن جو شانِ تَوَاضُع به عالَم کان نرالو هو، اللہ پاڪ کين اختيار ڏنو هو ته چاهن ته شاهي زندگي بسر فرمائن يا وري چاهن ته بندگي ۽ فقر واري زندگي اختيار فرمائن، پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم بندگي ۽ فقر کي اختيار فرمايو ٭ خادمن سان گڏ ويهي کاڌو تناول فرمائيندا هئا ٭ غلامن جون دعوتون قبول فرمائيندا هئا ٭ مسڪينن جي تيمارداري ڪندا هئا ٭ فقيرن سان گڏ ويهندا هئا ٭ صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم سان گڏ ملي جلي رهندا هئا ٭ پنهنجا ڪم پاڻ پنهنجن مبارڪ هٿن سان ڪندا هئا ٭ صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم اڳتي وڌي خدمت ڪرڻ چاهيندا هئا ته فرمائيندا هئا: اِهو سچ آهي ته توهان منهنجا سمورا ڪم ڪري ڇڏيندﺆ پر مون کي اهو