Book Name:Ahl e Suffah Ke Fazail
حضور صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: اڃان پيءِ! ٻيهر پيتائون. فرمايائون: اڃان پيءُ! ٽيون ڀيرو پيتائون. آخر ۾ عرض ڪيائون: يا رسول الله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم هاڻي ته پيٽ ۾ بلڪل به گنجائش نه بچي آهي. سڀ کان آخر ۾ آخري نبي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم پاڻ کير پيتو ۽ پيالو خالي ڪري ڇڏيائون. ([1])
کیوں جنابِ بُو ہریرہ تھا وہ کیسا جامِ شیر جس سے سَتَّر صاحبوں کا دُودھ سے مُنہ پِھر گیا
پيارا اسلامي ڀائرو! هي پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جو معجزو آهي، هڪ پيالو کير جو 70 بلڪه 72 ماڻهن کي پياريائون ۽ مِٺي محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي عاجزي ڏسو! 71 ماڻهن جو بچيل کير مبارڪ سڀ کان آخر ۾ پاڻ نوش فرمايائون.
اي عاشقانِ رسول! هن واقعي ۾ به غور ڪريو! اصحابِ صفه جون حالتون ڪهڙيون هيون...؟ ڪهڙيون ڪهڙيون تڪليفون هي ماڻهو برداشت ڪندا هئا. ايترين مشڪلاتن جي باوجود به هي عالِي وقار حضرات مسجد ۾ هوندا هئا، علم دين سکندا ۽ سيکاريندا هئا، دين جي خدمت ڪرڻ ۾ مشغول رهندا هئا.
پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي حالتون تمام گهڻيون خراب آهن، خاص طور تي جڏهن کان ڪرونا آيو آهي، ان کان پوءِ عالمي سطح تي معيشت کي وڏو ڌڪ لڳو آهي. مهانگائي تقريباً سڄي دنيا ۾ وڌي وئي آهي. ماڻهن جا انداز اهڙا ٿي ويا آهن جو جيڪڏهن کين ٻن جاين تي نوڪري ملي رهي آهي، هڪ دين جي خدمت جو ڪم آهي ۽ ٻيو دنياوي ڪم ڪار آهي، پگهار ته ٻنهي جاين تان ملي رهي هوندي آهي پر ماڻهو پيڪيج پڇندا آهن ته بهتر پيڪيج ڪٿان ملندو، مثال طور ديني اداري ۾ 30 هزار پگهار آهي ۽ دنياوي اداري ۾ 35 هزار، ته ماڻهو دنياوي اداري کي ترجيح ڏيندا آهن.
اها وڏي تشويشناڪ حالت آهي. دين جي خدمت ڪرڻ بحيثيت مسلمان اسان جو فرض آهي. اسان مسلمان آهيون، جيڪڏهن اسان دين جي خدمت نه