Book Name:Ahl e Suffah Ke Fazail
منهنجي بک ختم ٿي وئي.([1]) سُبْحٰنَ اللہ!
اِنَّا اَعْطَیْنٰكَ الْكَوْثَر ساری کثرت پاتے یہ ہیں
ٹھنڈا ٹھنڈا میٹھا میٹھا پیتے ہم ہیں، پلاتے یہ ہیں
رَبّ ہے معطی یہ ہیں قاسِم رِزْق اس کا ہے کھلاتے یہ ہیں
کِيرَ کان مُنهُن موڙِي ڇڏيائون
حضرت ابو هريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو کِيرَ وارو واقعو ته تمام گهڻو مشهور آهي، اسان ڪيترائي ڀيرا ٻڌو هوندو. حضرت ابو هريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي بک لڳي هئي، پر ڪنهن کان گهرڻ به نه پيا چاهن.
سُبْحٰنَ اللہ! هي به صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم جو ڪمال آهي جو ڪيترن ئي ڏينهن تائين بک برداشت ڪري ويندا هئا، پر خودداري قائم رهندي هئي، ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ڦهلائيندا هئا ۽ ڦهلائن به ڇو ...؟
میں در در پھروں چھوڑ کر کیوں ترا دَر؟ اُٹھائے بلا میری احسانِ عالَم
میں سرکارِ عالی کے قربان جاؤں بھکاری ہیں اس دَر کے شاہانِ عالَم
خير! حضرت ابو هريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي بک لڳي هئي، ڪنهن کان گهرڻو ڪجهه نه هو تنهنڪري رستي ۾ هڪ هنڌ ويهي رهيا. ٿوري دير کان پوءِ، مسلمانن جا پهريان خليفا، عاشقِ اڪبر حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْہُ اتان گذريا حضرت ابوهريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ اڳتي وڌي کانئن هڪ قرآني آيت بابت سوال پڇيو، سندن دل ۾ اهو خيال هو ته صديق اڪبر رَضِیَ اللهُ عَنْہُ چهري جا آثار ڏسي کاڌي جي دعوت ڏيندا، پر هنن سوال جو جواب ڏنو ۽ هليا ويا.
اڃان ٿوري ئي دير گذري ته مسلمانن جي ٻئين خليفي حضرت عمر فاروق رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو به اتان گذر ٿيو، حضرت ابو هريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ انهن کان به علمي سوال پڇيو، هنن به جواب ڏنو ۽ هليا ويا.