Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat

Book Name:Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat

محبوبِ مصطفےٰ بھی ہے عثمانِ ذُوالنّورین          اِک پیکرِ سخا بھی ہے عثمانِ ذُوالنّورین

جس سے حیا خدا و حبیبِ خُدا کریں               وہ صاحبِ حیا بھی ہے عثمانِ ذُوالنّورین

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

4 لطف واريون عبادتون

اچو! حضرت عثمانِ غني  رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ   جو هڪ فرمان ٻڌون ٿا. پاڻ فرمائن ٿا: مون عبادت جو لطف 4 شين ۾ ماڻيو آهي: (1):     فِیْ اَدَاءِ فَرَائِضِ اللہِ يعني الله پاڪ جي فرضن جي ادائيگي ۾، (2):        فِیْ  اِجْتِنَابِ مَحَارِمِ اللہِ   يعني الله پاڪ جي حرام ڪيل شين کان بچڻ ۾، (3):  فِی الْاَمْرِ باِلْمَعْرُوْفِ اِبْتِغَاءِ ثَوَابِ اللہِ ثوابِ الله يعني رضاءِ الاهيءَ جي حصول لاءِ نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۾، (4):   فِی الْنَہْیِ عَنِ الْمُنْکَرِ اِتِّقَاءِ غَضْبِ اللہِ   ۽ الله پاڪ جي غضب کان بچڻ لاءِ برائي کان منع ڪرڻ ۾.  (نیکی کی دعوت، ص:217)

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

اسان وٽ عام طور تي ذهنن ۾ هي وسوسو رهندو آهي ، اوهان کي ڪيترائي ماڻهو هي چوندي نظر ايندا ته عبادت ۾ دل نٿي لڳي، لطف نٿو اچي، لذت نٿي ملي. ڪي نادان ته ان ڪري عبادت ڪرڻ ئي ڇڏي ڏيندا آهن، پهريان نماز پڙهندا هئا، هاڻي ڇڏي ويا، پڇو: ڀاءُ! نماز ڇو ڇڏي ڏني؟ چوندا: نماز ته دل جي هوندي آهي، دل ئي نٿي لڳي ته نماز پڙهڻ جو فائدو ڪهڙو آهي. ٭        ڪيترا ماڻهو آهن، تلاوت نٿا ڪن. ڇو؟ دل نٿي لڳي. درود پاڪ نٿا پڙهن. ڇو؟ دل نٿي لڳي. عبادت ۾ لذت نصيب نٿي ٿئي

الامان والحفيظ...!! هي به شيطان جو دوکو آهي. ذهن ۾ رکو! عبادت ۾ دل لڳڻ سٺي ڳالهه آهي، سعادت جي ڳالهه آهي پر دل نٿي لڳي ته عبادت ڇڏڻي ناهي، لڳل رهڻو آهي. شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ العاليه فرمائن ٿا: دل لڳي نه لڳي، توهان لڳل رهو. يعني عبادت ڇڏڻي ناهي، دل نه به لڳي، تڏهن به عبادت ڪندو ئي رهڻو آهي.