Book Name:Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat
عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جون پياريون عادتون
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ نهايت عبادت گذار، نيڪ ۽ پارسا هئا. ٭ روزانو رات جو هڪ ئي رڪعت ۾ پورو قرآن تلاوت فرمائيندا هئا. ٭ هميشه روزا رکندا هئا. ٭ خوب صدقو ۽ خيرات ڪندا هئا. ٭ الله پاڪ کين تمام گهڻو مال عطا فرمايو هو، ان جي باوجود عاجزي سان ڀرپور زندگي گذاريندا هئا، ٭ سادو لباس پائيندا هئا ۽ سادي غذا کائيندا هئا. ٭ يتيمن جي سار سنڀال لهندا هئا. ٭ فرائض، واجبات ۽ سنتن جي خوب پابندي فرمائيندا هئا. حضرت ثابت بن عبدالله رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضيٰ شيرِ خدا رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي خدمت ۾ هڪ شخص حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: اي امير المؤمنين! مان مدينہ پاڪ واپس وڃي رهيو آهيان، اتي جا ماڻهو مون کان حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ بابت پڇي رهيا هئا، انهن کي ڇا جواب ڏيان؟ فرمايائون: انهن کي ٻڌائجانءِ ته هي آيت ڪريمه حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ تي مڪمل طور تي پوري لهي ٿي. (آيت ڪهڙي آهي؟ 7 سيپارو سورت مائده جي آيت([1])
وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ثُمَّ اتَّقَوْا وَّ اٰمَنُوْا ثُمَّ اتَّقَوْا وَّ اَحْسَنُوْاؕ-وَ اللّٰهُ یُحِبُّ الْمُحْسِنِیْنَ۠(۹۳) (پ7 سيپارو سورت مائده 93) ترجموڪنز العرفان: ۽ چڱا عمل ڪن پوءِ ڊڄن ۽ ايمان رکن وري ڊڄن ۽ نيڪيون ڪن ۽ الله نيڪي ڪرڻ وارن سان محبت فرمائيندو آهي.
يعني اي سوال ڪندڙ: جڏهن تون مديني پهچين ته اتان وارن کي ٻڌائجانءِ ته عثمان اهو عظيم الشان آهي ٭ جنهن ايمان قبول ڪيو، ٭ نيڪ اعمال ڪيا، ٭ سڄي زندگي ايمان تي ثابت قدم رهيا، ٭ سڄي زندگي تقويٰ اختيار ڪيائين، ٭ الله پاڪ کان ڊڄندو رهيو، ٭ پاڻ اهڙا نيڪوڪار هئا جنهن سان الله پاڪ محبت فرمائي ٿو.