Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat

Book Name:Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat

نيڪي جي دعوت ڏيڻ شروع ڪري ڏيون، برائي کان منع ڪرڻ شروع ڪري ڏيون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! سالن ۽ مهينن ۾ نه بلڪه ڏينهن ۾ معاشري ۾ تبديلي اچي ويندي. ڪاش! اسان جي ان طرف توجهه ٿئي.

نيڪي جي دعوت نه ڏيڻ جا نقصان

نيڪي جي دعوت نه ڏيڻ جو وبال ڇا آهي؟ ٻڌو! منهنجي ۽ اوهان جي آقا، محبوبِ خدا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ فرمايو: قسم آهي ان جو جنهن جي هٿ ۾ منهنجي جان آهي! يا ته توهان سٺي ڳالهه جو حڪم ڪندؤ ۽ بري ڳالهه کان منع ڪندؤ ياالله پاڪ توهان تي جلد پنهنجو عذاب موڪليندو پوءِ دعا ڪندؤ ۽ توهان جي دعا قبول نه ٿيندي.  (تِرمِذی ج۴ص ۶۹ حدیث ۲۱۷۶)

محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ حضرتِ جبرائيل عَلَيْهِ السَّلَام کي حڪم فرمايو: فلاڻي  شهر کي ان جي رهندڙن سميت تباهه ڪري ڇڏ، حضرت جبرائيل عَلَيْهِ السَّلَام عرض ڪيو: اي رب! انهن ماڻهن ۾ تنهنجو هڪ فلاڻو نيڪ ٻانهو به آهي جنهن اک ڇنڀڻ جي مقدار به تنهنجي نافرماني نه ڪئي. الله پاڪ فرمايو: شهر انهن تي اونڌو ڪري ڇڏ ڇو ته ان جو چهرو منهنجون نافرمانيون ڏسي (غيرت ايماني جي ڪري) ڪڏهن تبديل نه ٿيو.

   (شُعَبُ الْاِیمان ج۶ ص۹۷ حدیث۷۵۹۵)

الله اڪبر...!! معلوم ٿيو؛ برائي ڏسي برو نه لڳڻ به هلاڪت جو سبب آهي. الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. اسان کي نيڪي جي دعوت جي عادت بڻائي وٺڻ گهرجي. هي لذت ڀري عبادت آهي.

نيڪي جي دعوت جو معمول ڪيئن بڻجي؟

٭     درس ڏيڻ جي عادت بڻايو! امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جا ڪتاب ۽ رسالا مڪتبة المدينه تان ملي ويندا آهن، دعوتِ اسلامي جي ويب سائيٽ تان موبائل ۾ ڊائون لوڊ به ڪري سگهجن ٿا. انهن کي حاصل ڪري وٺو، گهر ۾ درس ڏيو. ويجهي مسجد ۾ درس ڏيو ۽ جتي ڪم ڪيو ٿا، دڪان آهي، آفيس آهي، فيڪٽري آهي، جتي به اوهان هوندا آهيو، اتي به آس پاس جي دوستن کي گڏ