Book Name:Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat
به ٿيون ته محبتِ فاروق اعظم جي صدقي پُڙُ ڳرو ٿي ئي ويندو. پوءِ جڏهن جنت ڏانهن وڌنداسين، اتي مسلمانن جا پهريان خليفا حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ موجود هوندا، جڏهن پنهنجي غلامن کي ڏسندا ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دروازا کولي ڇڏيندا ۽ پنهنجي چاهيندڙن کي جنت پهچائي ڇڏيندا.
الله پاڪ خير سان اهو ڏينهن آڻي، ڪاش! نيڪين سان ڀرپور ڊگهي زندگي گذاري ايمان ۽ عافيت سان گڏ مديني ۾ مرڻ نصيب ٿئي. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! صحابه ۽ اهل بيت جي صدقي خير ئي خير آهي.
آل و اَصْحابِ نبی سب بادشہ ہیں، بادشاہ میں فقط ادنیٰ گدا اَصْحاب و اَہْلِ بیت کا
فضلِ رَبّ سے دوجہاں میں کامیابی پائے گا دِل سے جو شیدا ہوا اَصْحاب و اَہْلِ بیت کا
جینا مرنا اُن کی اُلفت میں ہو یارَبّ! اور ہو قرب جنّت میں عطا اَصْحاب و اَہْلِ بیت کا
یااِلٰہی! شکریہ عطّاؔر کو تُو نے کیا شعر گو، مِدْحَت سَرا اَصْحاب و اَہْلِ بیت کا([1])
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جو مختصر تعارف
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ صحابي رسول آهن. ٭ ٿورو پري جي رشتي سان مالڪِ جنت، قاسمِ نعمت صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جا ڀاڻيجا لڳن. ٭ پاڻ شروعات ۾ ئي اسلام قبول ڪيو هو. اسلام قبول ڪرڻ ۾ سندن چوٿون يا پنجون نمبر آهي. ٭ عشره مبشره مان آهن. عشره مبشره اهي ڏھ خوش نصيب صحابه آهن جن کي زبانِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ مان جنت جي خوشخبري نصيب ٿي. سرڪارِ اعظم، رسولِ اڪرم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ سان ايتري محبت فرمائيندا هئا جو پاڻ سڳورن هڪ هڪ ڪري پنهنجون ٻه شهزاديون حضرت عثمان رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي نڪاح ۾ ڏنيون. ([2])