Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat

Book Name:Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat

آهن، نٿو رکي. ٭   زڪوات فرض ٿي وئي، پوءِ به ادا نٿو ڪري. حج فرض ٿي چڪو آهي، بس ٽال مٽول ڪندو پيو وڃي. ٭ ماءُ پيءُ جا فرض حق ادا نٿو ڪري. ٭ پاڙيسرين جي فرض حقن ۾ ڪوتاهي ڪري ٿو. ٭  تجارت سان لاڳاپيل فرائض ادا ڪرڻ ته پري جي ڳالهه، ان جو علم تائين نٿو سکي. اهڙو ٻانهو الله پاڪ سان خيانت ڪرڻ وارو  آهي.

اوهان پاڻ غور فرمايو! جيڪو الله پاڪ سان خيانت ڪري، ڇا اهو قربِ الاهي جو حقدار آهي؟ ناهي. ڪيئن هوندو؟ هن فرائض ضايع ڪري ڇڏيا.

3 فرشتا، 3 اعلان

حديث پاڪ ۾ آهي، محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ فرمايو: الله پاڪ 3 فرشتا مقرر فرمايا آهن: (1). هڪ فرشتو ڪعبه شريف تي مقرر آهي، (2). ٻيو منهنجي مسجد (يعني مسجدِ نبوي شريف) تي مقرر آهي، 3. ۽ ٽيون فرشتو مسجدِ اقصيٰ تي مقرر آهي. جيڪو فرشتو ڪعبي تي مقرر آهي، اهو هر روز اعلان ڪندو آهي: مَنْ تَرَکَ فَرائِضَ اللہ ِ خَرَجَ مِنْ اَمَانِ اللہِ جنهن الله پاڪ جا فرائض ڇڏيا، اهو الله پاڪ جي امان مان نڪري ويو. جيڪو فرشتو منهنجي هن مسجد تي مقرر آهي، اهو روزانو اعلان ڪندو آهي: مَنْ تَرَکَ سُنّۃَ مُحَمَّدٍ لَمْ یَرِدِ الْحَوْضَ  جنهن سنتِ مصطفيٰ ڇڏي، اهو حوضِ ڪوثر تي حاضري کان محروم ٿي ويو. ۽ جيڪو فرشتو مسجدِ اقصيٰ تي مقرر آهي، اهو روز هي اعلان ڪندو آهي: مَنْ کَانَ طَعْمَتَہٗ حَرَامًا کَانَ عَمَلُہٗ مَضْرُوْبًا بِہٖ وَجْہَہٗ جنهن جو کاڌو حرام آهي، ان جا اعمال ان جي منهن تي هنيا ويندا آهن.  (فوائد ابی عبد اللہ، حدیث: ۴۶)

الله پاڪ جي پناهه...! غور فرمايو! جيڪو الله پاڪ جا فرائض ضايع ڪندو آهي، ان کان الله پاڪ جي امان کڄي ويندي آهي. هاڻي اسان پنهنجي حالت تي غور ڪريون؛ ٭ ڪمائي ڪمائي ٿڪجي پوندا آهيون، خرچ پوءِ به پورا ناهن ٿيندا. ٭ بيماريءَ ته ڄڻ گهر ۾ ديرو ئي ڄمائي ڇڏيو آهي، ماءُ بيمار هئي، اها