Book Name:Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat
پريشانيون ته اچڻيون ئي آهن، غم، مصيبت، مشڪلاتون وغيره ته هلنديون ئي رهنديون. ان ۾ قصور قسمت جو ناهي، قصور اسان جي اعمالن جو آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:
فَاَصَابَهُمْ سَیِّاٰتُ مَا عَمِلُوْا (پارہ:14، النحل:34)
ترجمو: ڪنز العرفان: پوءِ انهن جي عملن جو برائيون انهن کي پهتيون
جو کچھ بھی ہیں، سب اپنے ہی ہاتھوں کے ہیں کرتُوت
شِکْوہ ہے زمانے کا، نہ قِسمت سے گِلہ ہے
الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. اسان کي گناهه ڇڏي ڏيڻ گهرجن. گناهه الله پاڪ سان جنگ آهي ۽ الله پاڪ سان جنگ ڪندڙ ڪڏهن به ڪامياب نٿو ٿي سگهي. تنهن ڪري اسان اڄ ۽ هاڻي کان ئي پنهنجن سڀني گناهن کان سچي پڪي توبه ڪيون ۽ آئنده گناهن کان بچي رهڻ جي پڪي نيت ڪون.
پيارا اسلامي ڀائرو! گناهن کان بچڻ کي پرهيزگاري چوندا آهن. هڪ روايت ۾ هڪ پرهيزگار ٻانهي جي نهايت ڪمال فضيلت بيان ٿيل آهي، اوهان به ٻڌو! امام ابن ابي دنيا رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ روايت لکن ٿا: قيامت جي ڏينهن هڪ (پرهيزگار) ٻانهي کي بارگاھِ الاهي ۾ پيش ڪيو ويندو، ان کي نور پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيندو، هاڻي اهو ماڻهن جي نگاهن کان غائب ٿي هوندو، ان کي اعمال نامو ڏنو ويندو، ان ۾ ننڍا ننڍا گناهه ته لکيل هوندا پر وڏا گناهه جيڪي ان کي ياد هوندا، اعمال نامي ۾ موجود نه هوندا. هڪ فرشتي کي مهر بند اعمال نامو ڏنو ويندو. حڪم ٿيندو: منهنجي ٻانهي کي جنت ڏانهن وٺي وڃو! جڏهن هي پل صراط تان گذرندو، آخري ڪناري جي ويجهو پهچندو، تڏهن ان کي هي اعمال نامو ڏجو. پوءِ فرشتو ان ٻانهي کي وٺي جنت ڏانهن وڌندو، جڏهن پل صراط جي آخري ڪناري جي ويجهو پهچندو ته ان کي مهر بند اعمال نامو ڏنو ويندو، ٻانهو پنهنجو اعمال نامو کوليندو، ان ۾ اهي اعمال به لکيل هوندا، جن کي هي ڄاڻندو هو. فرشتو چوندو: مون کي ناهي معلوم ته ان ۾ ڇا لکيل آهي، مون کي ته مهر بند اعمال نامو ڏنو ويو هو ۽ الله پاڪ فرمايو آهي: اي منهنجا پيارا