Book Name:Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat
(5) قُربِ مُصطَفٰي صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی مُحَمَّدٍ کَمَا تُحِبُّ وَ تَرضٰی لَہٗ
هڪ ڏينهن هڪ شَخص آيو ته حُضُورِ اَنور صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ کيس پنهنجي ۽ صِدّيقِ اڪبر رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي وچ ۾ ويهاريو، انهيءَ تي صَحابَه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم کي تَعَجُّب ٿيو ته اهڙي مرتبي وارو شخص ڪير آهي جڏهن اهو هليو ويو ته سرڪار مدينه صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هو جڏهن مون تي دُرُودِ پاڪ پڙهندو آهي ته هيئن پڙهندو آهي. )[1](
(6) دُرُود شَفَاعت
اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰی مُحَمَّدٍ وَّاَنْزِلْہُ الْمَقْعَدَ الْمُقَرَّبَ عِنْدَکَ یَوْمَ الْقِیَامَۃِ
شافع امم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جو فرمان معظم آهي : جيڪو شخص هي درود پاڪ پڙهي ان جي لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي ويندي آهي. )[2](
جَزَی اللّٰہُ عَنَّا مُحَمَّدًا مَا ھُوَ اَھْلُہٗ
حضرتِ سَيِّدُنا ابنِ
عباس رَضِى اللهُ عَنْھُمَا کان رِوايت آهي ته
سرڪارِ مدينه
صَلَّی
اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هي
درود شريف پڙهڻ واري جي لاءَ ستر فرشتا هڪ هزار ڏينهن تائين نيڪيون لکندا آهن. )[3](