Book Name:Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat
ڪن! حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ مسلمانن جا ٽيان خليفا، نبي پاڪ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جا نياڻا آهن. قرآن پاڪ کي جمع ڪرڻ جو اعزاز به اوهان جي سر تي آهي. پاڻ پنهنجو گهڻو مال الله پاڪ جي راهه ۾ خرچ ڪيو، اوهان رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي سيرت تي روشني وجهندڙ مڪتبة المدينه جو نهايت ئي پيارو رسالو "ڪراماتِ عثمانِ غني". هن رسالي کي مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان وڏي سائز ۾ 25 روپين ۾ ۽ ننڍي سائز ۾ 15 روپين ۾ قيمتاً طلب فرمايو، پاڻ به مطالعو ڪيو! ٻين کي به ان جي دعوت ڏيو!
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ چند آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نبوت صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِيْ فَقَدْ اَحَبَّنِيْ وَمَنْ اَحَبَّنِيْ كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ يعني جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: مُڇيون ڪٽرايو ڏاڙهيون وڌايو مجوسين جي مخالفت ڪيو! (مسلم، کتابُ الطہارت، باب: خِصَالُ الْفِطْرۃ، صفحہ:153، حدیث:257۔)
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏاڙهي رکڻ سُنَّتِ مصطفيٰ بلڪه سُنّتِ انبياء آهي ٭ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي ڏاڙهي مبارڪ هميشه هڪ مُٺي جي مقدار رهندي هئي ٭ جيڪڏهن هڪ مُٺي جي مقدار کان وڌي ويندي هئي ته گھٽ ڪرائيندا هئا ٭ رسول ڪريم