Book Name:Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat
صحتياب ٿي ته پٽ بيمار ٿي ويو، پٽ ٺيڪ ٿيو ته ڌيءَ جي صحت خراب ٿي وئي، ڌيءَ جي دوائن مان فارغ ٿيا هئاسين ته پاڻ بستري تي ليٽي پياسين. ٭ ڪم آهن جو پورا ئي نٿا ٿين. ٭ جنهن طرف قدم وڌايون ٿا، ناڪاميون سامهون اچي وڃن ٿيون. ٭ پريشانين گهرن تي ديرو ڪري ڄمائي رکيو آهي. جنهن کي ڏسو غمن جو پورو سمنڊ دل ۾ کنيو ويٺو آهي. آخر سبب ڪهڙو آهي؟ ڇو حالتون بهتر نٿيون ٿي سگهن...؟ ڇو قسمت ساٿ نٿي ڏئي؟ ڀاءُ...!! فرائض ضايع ڪري رهيا آهيون. الله پاڪ جي امان کڄي وئي هوندي. نماز نٿا پڙهون، تنهن ڪري برڪت ختم ٿي وئي هوندي. هي واقعي سوچڻ جي ڳالهه آهي. ڪاش! اسان فرائض ادا ڪرڻ وارا بڻجي وڃون.
اسان وٽ هڪ ٻيو معاملو به ڏاڍو عام آهي. ماڻهو فرضن کان وڌيڪ نفلن تي توجهه ڏيندا آهن. مثال طور، ٭ شبِ برات، شبِ قدر وغيره وڏين راتين جي موقعي تي عام طور تي ماڻهو پڇندا آهن: اڄ رات جا نفل ٻڌايو! ٻانهو پڇي: ڀاءُ! اوهان عشاءَ جي نماز پڙهي آهي؟ فرض نمازون پڙهندا آهيو؟ نه. اهي ناهيون پڙهندا. شبِ برات تي، شبِ قدر تي نفل پڙهڻ سٺي ڳالهه آهي پر فرض ڇڏي نفلن ڏانهن وڌڻ ڪهڙي عقل مندي آهي؟ ٭ ماڻهو خير ۽ برڪت لاءِ گهرن ۾ سورت ياسين شريف پڙهائيندا آهن. سٺي ڳالهه آهي، ثواب جو ڪم آهي، برڪت وارو ڪم آهي، ان کان منع نه ڪيو ويندو پر غور ته اهو به ڪرڻو آهي ته ڇا سڀ گهر وارا فجر پڙهندا آهن؟ نماز هڪ به ناهن پڙهندا، بي نمازين سان گهر ڀريل آهي، پوءِ ٻڌايو! برڪت ڪٿان ايندي. ٭ غريبن ۾ تمام گهڻو مال تقسيم ڪندا آهن، زڪوات ناهن ڏيندا. ٭ ماڻهن سان وڏي خوش مزاجي سان ملندا، ماءُ پيءُ جي نڪ ۾ دم ڪري رکندا آهن. ٭ بازار مان گذرن ته ماڻهو حاجي صاحب! حاجي صاحب! چئي عزت سان نوازيندا آهن پر ان حاجي صاحب پاڙيسرين جو جيئڻ حرام ڪري رکيو آهي، ان طرف توجهه ئي ناهي. يقيناً اسان کي نفلن تي به عمل ڪرڻو آهي، مستحب ڪم به ڇڏڻا ناهن، ڪو به نيڪي جو