Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat

Book Name:Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat

 صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي ڏاڙهي مبارڪ ويڪر ۾ اهڙي هئي جو سيني مُبَارڪ کي ڀري ڇڏيندي هئي۔ (انوارِ جمالِ مصطفےٰ، صفحہ:157 خلاصۃً)

٭ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ ڏاڙهي ڪٽرائڻ ۽ مڇيون وڌائڻ کي سخت ناپسند ڪندا هئا ٭ بهارِ شريعت ۾ آهي: ڏاڙهي ڪٽرائڻ يا هڪ مُٺي کان گھٽ ڪرڻ حرام آهي. (بہارِ شریعت، حصہ: 16، جلد: 2، صفحہ:586۔)

مختلف سنتون سکڻ لاءِ مڪتةالمدينه جي بہارِ شريعت جلد:3، حصو:16، ۽ اميرِ اہلِ سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جو 91 صفحن وارو رسالو "550 سنتون ۽ آداب" خريد ڪري  پڙهو، سنتون سکڻ جو بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان سنتن ڀرپور سفر پڻ آهي.

سنتیں سیکھنے تین دِن کے لئے                         ہر مہینے چلیں، قافلے میں چلو

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ.

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                               صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ  6  درود شريف ۽  2 دعائون

(1) جمعه جي رات جو دُرُود

اَللّٰہُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِکْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدِ نِ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِالْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَعَلٰی اٰلِہٖ وَصَحْبِہٖ وَسَلِّمْ

 بزرگن فرمايو ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ وقت به ايستائين