Book Name:Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat
خير...!! عبادت جي لذت گهرجي...؟ ڪنهن ڪنهن کي گهرجي؟ سڀني کي گهرجي! مون کي به گهرجي، اوهان کي به گهرجي، هر مسلمان خواهش ڪندو ته مون کي عبادت جي لذت نصيب ٿئي. ڪيئن ملندي؟ جنتي صحابي، ٽيان خليفه حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ اسان کي عبادت جي لذت حاصل ڪرڻ جو نسخو ٻڌائي رهيا آهن، فرمايائون: عبادت جي لذت 4 ڪمن ۾ آهي: (1). فرضن جي ادائيگي ۾، (2) گناهن کان بچڻ ۾، (3) نيڪي جي دعوت ڏيڻ، (4). ۽ برائي کان منع ڪرڻ ۾.
فرائض ڇا چئبو آهي؟ خاص مون تي ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون فرض آهن؟ اها خبر ڪنهن کي آهي؟ شريعت جا احڪام مختلف هوندا آهن، ڪي ته عمومي فرائض آهن جيڪي هر عاقل ۽ بالغ مسلمان تي فرض آهن، جيئن نماز آهي، روزو آهي، اهي سڀني تي ئي فرض آهن پر ٭ زڪوات سڀني تي فرض ناهي هوندي، شرط پاتا ويندا ته فرض ٿيندي. حج سڀني تي فرض ناهي هوندو، شرط پاتا ويندا ته فرض ٿيندو. ٭ اجير تي اجاري سان لاڳاپيل فرائض آهن، جيڪو اجير ئي ناهي، ان تي اهي فرائض به ناهن. ٭ تاجر تي تجارت سان لاڳاپيل فرائض آهن، جيڪو تجارت ئي نٿو ڪري، ان تي اهي فرائض به ناهن. ائين ڪيترائي فرائض هر هڪ لاءِ مختلف هوندا آهن. اسان فرائض پورا ڪرڻا آهن، انهن تي عمل ڪرڻو آهي، معلوم هوندا ته عمل ڪري سگهنداسين نه...!!
تنهن ڪري سڀ کان پهريون ڪم ته اهو ئي آهي ته اسان فرائض سکي وٺون. ڏسو نه؛ ڪيڏي تعجب جي ڳالهه آهي، اسان ٻانها آهيون، الله پاڪ اسان تي ڇا ڇا فرض ڪيو آهي؟ اسان کي معلوم ئي ناهي. تنهن ڪري پهرين فرصت ۾ بلڪه فرصت جو به انتظار نه ڪيو، وقت ڪڍي فرائض سکي وٺو! ان جو هڪ آسان طريقو اهو ٿي سگهي ٿو ته دارالافتاءِ اهلسنت ۾ مفتي صاحب وٽ حاضر ٿي وڃو، پنهنجي سڄي صورتحال ٻڌائي پڇي وٺو ته مون تي ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون فرض آهن. پوءِ انهن فرضن جو علم به سکي وٺو ۽ انهن تي عمل شروع ڪري ڏيو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! عبادت جي لذت به نصيب ٿيندي ۽ الله پاڪ چاهيو ته بلند رتبا به ملي ويندا.