Book Name:Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat
ٻانها! تنهنجي عزت افزائي لاءِ تنهنجي انهن اعمالن جو حساب نه ورتو ويو. ([1])
الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! هي ڪيڏي نه ڪرم نوازي آهي. جيڪو ٻانهو هن دنيا ۾ گناهن کان بچندو آهي، پرهيزگاري اختيار ڪندو آهي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! روزِ قيامت ان جي عزت وڌائي ويندي، بشري تقاضي سان جيڪي گناهه ان کان سرزد ٿي ويا، اهي فرشتن کان به لڪايا ويندا ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! پرهيزگار ٻانهي کي بغير حساب جنت ۾ داخل ڪيو ويندو. الله پاڪ اسان کي توفيق بخشي، ڪاش! اسان گناهن کان بچڻ وارا بڻجي وڃون.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ .
هاڻي مسئلو هي آهي ته گناهن کان بچڻو ڪيئن آهي؟ ظاهر آهي جڏهن معلوم ٿيندو ته ڪهڙو ڪم گناهه آهي، تڏهن ئي ته ان کان بچي سگهنداسين، افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄڪلهه ديني معلومات جي تمام گهڻي گهٽتائي آهي، ماڻهن کي خبر ئي ناهي هوندي ته ڪهڙو ڪم گناهه آهي، ڪهڙو ڪم نيڪي آهي. ان ڪري سڀ کان پهرين گناهن جي معلومات حاصل ڪيو. مڪتبة المدينه جو 2 جلدن تي مشتمل ڪتاب آهي: جهنم ۾ وٺي ويندڙ اعمال. اهڙيءَ طرح هڪ ڪتاب آهي: 76 ڪبيره گناهه. ائين ئي هڪ ڪتاب: جهنم جا خطرا به آهي. هي ڪتاب حاصل ڪريو، انهن کي پڙهو، گناهن جي معلومات ملندي، پوءِ انهن کان بچڻ جو به ذهن بڻبو.
گناہوں سے مجھ کو بچا یاالٰہی! بُری خصلتیں بھی چُھڑا یاالٰہی!
خطاؤں کو میری مِٹا یاالٰہی! مجھے نیک خصلت بنا یاالٰہی!
تجھے واسطہ سارے نبیوں کا مولا مِری بخش دے ہر خطا یاالٰہی!
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد