Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat

Book Name:Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat

ڪم جيڪو اسان ڪيون ٿا، ان کان رڪجڻو ناهي، البته! فرائض ته فرائض آهن نه، اهي ته سڀ کان پهريان ضروري آهن. حضور غوثِ پاڪ رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  فرمائن ٿا: مؤمن کي گهرجي ته پهرين فرائض ۽ واجبات ادا ڪري پوءِ سنتن ۾ مشغول ٿئي، ان کانپوءِ نفلن ڏانهن توجهه ڪري. فرائض نه پڙهڻ ۽ سنن ۽ نفلن ۾ مصروف ٿيڻ حماقت آهي. جيڪڏهن فرائض ڇڏي سنن ۽ نفل بجا آڻيندو ته نامقبول ٿيندا بلڪه ان کي ذليل ڪيو ويندو. ان ماڻهوءَ جو مثال ان شخص جهڙو آهي جنهن کي بادشاهه پنهنجي خدمت تي مامور ڪري پر اهو ان کي ڇڏي ان جي غلام جي خدمت ۾ مشغول ٿي وڃي. (شرح فتوح الغیب (مترجم)، ص511)

خير! اسان کي گهرجي ته هر اهو ڪم جيڪو الله پاڪ اسان تي فرض فرمايو آهي، ان جو علم به سکون ۽ ساڳئي وقت فرائض ۽ واجبات تي عمل به ڪيون. ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! عبادت جي لذت نصيب ٿي ويندي.

گناهن کان بچڻ

مسلمانن جي ٽئين خليفي حضرت عثمانِ غني  رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ   جي فرمان مطابق ٻي لذت ڀري عبادت آهي: گناهن کان بچڻ.

هي ڪم فرضن جي ادائيگي کان به وڌيڪ اهم آهي بلڪه گناهه کان بچڻ پاڻ هڪ اهم ترين فرض آهي. هن فرض تي به عمل ڪيو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دل پاڪ ٿيندي ۽ عبادت جي لذت نصيب ٿي ويندي.

سڀ کان وڏو عقلمند

امام حسن مجتبيٰ  رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ   فرمائن ٿا: بيشڪ سڀ کان وڌيڪ عقلمند اهو آهي جيڪو تقويٰ اختيار ڪري (يعني گناهن کان بچي) ۽ سڀ کان وڌيڪ احمق ۽ بيوقوف اهو آهي جيڪو گناهن ۾ مبتلا رهي ٿو. ([1])

پنهنجي جانين تي ظلم

هڪ نصيحت جي ڳالهه عرض ڪريان؛ قرآن ڪريم ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي


 

 



[1]...حلیۃالاولیا، جلد:2، صفحہ:46۔