Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat

Book Name:Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat

قربِ خدا حاصل ڪرڻ جو  طريقو

بخاري شريف ۾ حديثِ قدسي آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو: منهنجي نزديڪ سڀ کان پسنديده شيءِ جنهن جي ذريعي ٻانهو منهنجو قرب حاصل ڪندو آهي، اهي ڪم آهن جيڪي مون ٻانهي تي فرض ڪيا آهن.

عقل وڌائڻ جو نسخو

حضرت ابودرداء  رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ   صحابي رسول آهن، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ کين فرمايو: اي ابودرداء...!! پنهنجو عقل وڌاءِ! ان سان قربِ الاهي ۾ اضافو ٿيندو. عرض ڪيائون: منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان ٿين! عقل ڪيئن وڌايان؟ فرمايائون: اِجْتَنِبْ ‌مَحَارِمَ ‌اللَّهِ وَاَدِّ فَرَائِضَ اللَّهِ تَكُنْ عَاقِلًا الله پاڪ جي حرام ڪيل ڳالهين کان بچو، فرائض ادا ڪريو! عقل وارا ٿي ويندؤ.

سُبْحٰنَ اللہ!  معلوم ٿيو؛ الله پاڪ جيڪي ڳالهيون فرض فرمايون آهن، انهن جي ادائيگي الله پاڪ جو قرب ڏياريندي آهي ۽ انهن تي عمل نه ڪرڻ الله پاڪ کان پري ڪري ڇڏي ٿو.

الله ۽ رسول سان خيانت

قرآن پاڪ ۾ آهي:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَا تَخُوْنُوا اللّٰهَ وَ الرَّسُوْلَ وَ تَخُوْنُوْۤا اَمٰنٰتِكُمْ وَ اَنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ(۲۷) (پارہ:9، سورۂ انفال:27)                                                ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! الله ۽ ان جي رسول سان دغا نه ڪريو ۽ نه ڄاڻي واڻي پنهنجي امانتن ۾ خيانت ڪريو.

تفسير صراط الجنان ۾ آهي: فرائض ڇڏي ڏيڻ الله پاڪ سان خيانت ڪرڻ آهي ۽ سنت ترڪ ڪري ڇڏڻ رسول الله صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ سان خيانت ڪرڻ آهي.

اَلْاَمَان وَالْحَفِیْظ...!!          ڪيڏي نه سخت ڳالهه آهي، جيڪو ٻانهو فرضن تي عمل نٿو ڪري. ٭     نماز فرض آهي، ٭       نماز نٿو پڙهي. ٭ ماهِ رمضان جا روزا فرض